لاهور (ويب ڊيسڪ) اين اي 75 ڊسڪه جي چونڊ بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي مريم نواز جو رد عمل سامهون اچي ويو آهي.ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ مريم نواز چيو آهي ته(ن) ليگ جي شينهن کي مبارڪباد هجي جنهن ووٽ چور ٽولي جو ڄمي مقابلو ڪيو.(ن) ليگ شينهن پنهنجي ووٽ تي پهرو به ڏنو، شاباس ڊسڪه وارو، شاباش.هن چيو ته هڪ دفعو ٻيهر ثابت ٿي ويو ته هنن عوام جي ووٽ تي ڌاڙو. هنيو ۽ هاڻ صرف ري چونڊ سان ڳالهه نه بڻجندي هنن کي هاڻ ووٽ چوري ڪرڻ جو به حساب ڏيڻو پوندو. مريم نواز چيو ته هنن کي اليڪشن ڪميشن جي عملي کي اغوا ڪرڻ جي ڏوهه جو حساب ڏيڻو پوندو.واضح رهي ته سپريم ڪورٽ اين اي 75 ڊسڪه جي ننڍي چونڊ ڪالعدم قرار ڏيندي تڪ ۾ ٻيهر چونڊ جو فيصلو برقرار رکندي پي ٽي آءِ جي درخواست کي رد ڪري ڇڏيو آهي.










