لاهور(بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ صدر پرويز الاهي چيو آهي ته جناح هائوس تي حملي وقت آءِ جي ۽ پنجاب پوليس ڪٿي هئا، اهي ماڻهو ڏسي رهيا هئا.هڪ بيان ۾ پرويز الاهي چيو ته حڪومت ڄاڻي واڻي سرڪاري ۽ فوجي تنصيبات کي بچائڻ جي ڪوشش ناهي ڪئي، شفاف انڪوائري ٿي ته 9 مئي جي واقعن ۾ حڪومت جا لڪيل هٿ سامهون اچي ويندا.هن چيو ته عمران خان عوام کي ٿڌو ڪري رهيو آهي ۽ شهباز شريف باهه لڳائي ڇڏي آهي.پي ٽي ايم حڪومت فوج ۽ عوام جي وچ ۾ جنگ ڪرائڻ چاهي ٿي، قومي اسيمبلي ۾ مامي عدالت قائم ڪرڻ جو ڪو به فائدو ناهي، نه اپوزيشن آهي ۽ نه ميمبر آهن.پي ٽي آءِ صدر چيو ته سپريم ڪورٽ آڏو هٿياربند جماعتون گڏ ڪري حڪومت پنهنجو لڪل چهرو بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي، سپريم ڪورٽ کي توهين عدالت جي ڪارروائي ڪرڻ گهرجي.










