ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه، سنڌ پوليس شهيدن جي ڏينهن تي هڪ خاص پيغام جاري ڪندي چيو آهي ته صوبائي حڪومت پوليس شهيدن جي قربانين کي نه وساريو آهي.مراد علي شاهه پنهنجي پيغام ۾ چيو ته سنڌ پوليس جا اهلڪار امن جي قيام لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪري رهيا آهن.هن چيو ته 1971 کان وٺي 2,549 سنڌ پوليس جا اهلڪار شهيد ٿي چڪا آهن، جن ۾ 4 ايس پي، 1 اي ايس پي ۽ 22 ڊي ايس پي شامل آهن.سنڌ جي وڏي وزير چيو ته صوبائي حڪومت پوليس شهيدن جي قربانين کي نه وساريو آهي. صوبائي حڪومت پوليس شهيدن جي پيڪيج ۽ فائدن ۾ اضافو ڪيو آهي، ۽ شهيد اهلڪارن جي وارثن کي 60 سالن جي عمر تائين پگهارون ڏنيون وينديون آهن.هن چيو ته شهيد جي خاندان کي 10 لک رپين جي صحت انشورنس ڏني ويندي ۽ شهيد اهلڪارن جي ٻارن لاءِ سرڪاري رهائش، اسڪالرشپ ۽ تعليمي ادارن ۾ داخلا ڪوٽا پڻ مختص ڪيو ويو آهي.مراد علي شاهه چيو ته اسڪالرشپ پروگرام کي رٽائرڊ پوليس اهلڪارن جي ٻارن تائين به وڌايو ويو آهي، ۽ سروس دوران موت جي صورت ۾ خاندان کي 6 کان 30 لک رپيا ڏنا ويندا.هن چيو ته سنڌ حڪومت پوليس اهلڪارن جي ٻارن کي علاج ۽ قانوني مدد پڻ فراهم ڪري ٿي.










