لاهور(ويب ڊيسڪ)پنجاب جي وڏي وزير حمزا شهباز چيو آهي ته حڪومت پنهنجو آئيني ۽ قانوني مدو پورو ڪندي.لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي حمزا شهباز چيو ته الله مون کي اها ذميواري ڏني آهي ته جيترو ٿي سگهي عوام جي خدمت ڪرڻ جي ڪوشش ڪريان. هن چيو ته مريم نواز بابت عمران خان جي ڳالهه سندس ناڪاري ذهنيت جي عڪاسي آهي.










