اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف جي هدايتن تي، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وزارت فوري طور تي سڄي ملڪ ۾ 911 هيلپ لائن کي فعال ڪري ڇڏيو آهي.ترجمان موجب، 911 سروس تڏهن به ڪم ڪندي جڏهن صارف جا پنهنجا موبائل نيٽ ورڪ ٽاور ڪنهن علائقي ۾ متاثر يا غير فعال هجن.سسٽم تحت، متاثر شهري 911 تي رابطو ڪري ۽ هنگامي مدد حاصل ڪري سگهندا. شهري ڪنهن به هنگامي صورتحال ۾ فوري رابطي لاءِ 911 ڊائل ڪري سگهن ٿا.ترجمان موجب، متاثر نه ٿيندڙ شهرين کي درخواست ڪئي وئي آهي ته اهي غير ضروري ڪالن کان پاسو ڪن ته جيئن هي سهولت انهن ماڻهن لاءِ ڪارآمد ٿي سگهي جن کي مدد جي ضرورت آهي.










