حڪومت سان گڏ رهڻ جو جواز ناهي، مان مطمئن آهيان، مولانا

حڪومت سان گڏ رهڻ جو جواز ناهي، مان مطمئن آهيان، مولانا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پي ڊي ايم جي سربراھ مولانا فضل الرحمان چيو آھي ته متحده سان ڳالهين ۾ مڪمل طور مطمئن ٿي واپس وڃي رهيو آهيان، متحده وارا هڪ ٻن ڏينهن ۾ فيصلو ڪري آگاهه ڪندا، ملاقات بعد فضل الرحمان اھا بھ دعويٰ ڪئي آھي تھ اتحادي حڪومت سان گڏ ناھن رھيا. پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان بهادر آباد ۾ متحده سان ملاقات بعد چيو ته اهو طئه آهي ته حڪومت سان اتحادي گڏ ناهن رهيا، ھن چيو تھ رڳو اپوزيشن جو ساٿ ڏيڻ بابت باضابطا اعلان ۾ ڪجهه ڏينهن لڳي ويندا. بي اعتمادي رِٿ جي ڪاميابي يقيني آهي، عمران خان مڪمل طور اڪيلو ٿي چڪو آهي، متحده اڳواڻ خالد مقبول صديقي چيو ته مولانا فضل الرحمان جي ڪري اسان کي حوصلو مليو آهي، سندس راءِ کي اهميت ڏيون ٿا، هڪ ٻن ڏينهن ۾ فيصلو ڪري ٻڌائينداسين، حڪومت ڪو جواز ناهي ڇڏيو ته انهن جا اتحادي رهيون.

پهنجو تبصرو موڪليو