لاهور(ويب ڊيسڪ)پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي هدايت تي حڪومت سان ڳالهين واري ٽيم جوڙي ڇڏي،ڳالهين واري ٽيم ۾ شامل سمورن 7 ڄڻن جي نالن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو چيئرمين تحريڪ انصاف عمران خان پاران جوڙيل 7 رڪني ٽيم چونڊن جي حوالي سان حڪومت سان گڏجي پلان آف ايڪشن طئي ڪندي.ڳالهين واري ٽيم ۾ شاهه محمود قريشي، پرويز خٽڪ، اسد قيصر، حليم عادل شيخ، عون عباسي بپي، مراد سعيد ۽ حماد اظهر شامل هوندا.










