حڪومت اتحادين پاران اڄ سپريم ڪورٽ وڃڻ جو اعلان

حڪومت اتحادين پاران اڄ سپريم ڪورٽ وڃڻ جو اعلان

اسلام آباد (م ڊ)حڪومت ۽ ان جي اتحادي جماعتن پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ جي معاملي تي فل ڪورٽ بئنچ لاءِ اڄ سپريم ڪورٽ سان رابطي جو فيصلو ڪيو آهي.پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ جي معاملي تي حڪومتي اتحاد ۾ شامل جماعتن فل ڪورٽ بئنچ جوڙڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.حڪومتي اتحادي ۽ پي ڊي ايم جي جماعتن جا اڳواڻ اڄ صبح ساڍي ڏهين وڳي گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ اهم اعلان ڪندا ۽ پريس ڪانفرنس کانپوءِ پنهنجي وڪيلن سان گڏ گڏيل طور سپريم ڪورٽ ويندا.اطلاعن موجب وڏي وزير جي چونڊ، سپريم ڪورٽ بار جي نظرثاني درخواست ۽ لاڳاپيل درخواستن جي گڏ ٻڌڻي جي اپيل ڪئي ويندي. سپريم ڪورٽ ۾ پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ دوران ڊپٽي اسپيڪر جي عهدي خلاف درخواست تي ٻڌڻي اڄ ٿيندي.درخواستگذارن ۾ متحده قومي موومينٽ، عوامي نيشنل پارٽي، بلوچستان نيشنل پارٽي ۽ بلوچستان عوامي پارٽي به شامل آهن.قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته فل ڪورٽ جوڙڻ جي مطالبي ۾ ڪا بدنيتي ناهي، ان ڪيس جا مستقبل جي سياست تي ڏاڍا نتيجا نڪرندا.

پهنجو تبصرو موڪليو