ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي غريب ماڻھو جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو

ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي غريب ماڻھو جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو

بدين/ ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي نائب امير حافظ نصرالله چنا چيو آھي تہ حڪمرانن جي عياشين ۽ ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي ملڪ کي ڪنگال ۽ عوام جي چيلھ چٻي ڪري ڇڏي آھي. قرآن و سنت جي عدل وارو نظام ئي ملڪ ۽ قوم کي بحرانن مان ڪڍي سگھي ٿو.دنيا ۽ آخرت جي ڪاميابي لاءِ انسان ذات جي خدمت بھترين ذريعو آھي. الخدمت نالو آھي خدمت ديانت و امانت سان عوم جي خدمت. جماعت اسلامي ڪراچي کان ڪشمور سنڌ جي ماروئڙن جي خدمت ۾ پيش پيش آھي سڄي رمضان مھيني جو راشن مستحق ماڻهن ۾ بنا ڪنھن رنگ نسل جي ورھايو پيو وڃي. سرندي وارا دل کولي الخدمت سان ان نيڪ ڪم ۾ سھڪار ڪن. اھڙن خيالن جو اظھار ھن بدين ۾ الخدمت فائونڊيشن طرفان مستحق گھراڻن ۾ رمضان راشن تقسيم واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ضلعي امير سيد علي مردان شاھ گيلاني ، الخدمت فائونڊيشن ضلع بدین جو صدر غلام رسول احمداڻي جنرل سيڪريٽري سليم جوڻيجو ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ موجود ھئا. ھن وڌيڪ چيو تہ حڪمرانن مھانگائي ڪري ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. ھڪ طرف حڪمرانن جو عياشيون ۽ ٽيڪسن جي ڀرمار کٽي ڪونہ پئي ٿئي ٻئي پاسي عام ماڻھو جو جيئرو رھڻ مشڪل ٿيندو پيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو