حيدرآباد (پ ر) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سينئر وائيس چيئرمين ڄام عبدالفتاح سميجو ،گلزار سومرو ،حيدر شاھاڻي ،حيدر ملاح ،ڊاڪٽر سومار مڱريو ،عاشق سولنگي ،قادر چنا ،امتياز سمون ۽ نثار ڪيريو پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ مٿان مسلسل 15 سالن حڪمران رهندڙن سنڌ ۾ امن امان کي برقرار رکڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪا آهن هڪ پاسي سنڌ جي اندر بک بدحالي ۽ بي روزگاري سبب عوام جو جيئڻ جنجال آهي کين ڪي به زندگي جون بنيادي سهولتون ميسر ناهين. ته ٻي پاسي عوام جي جان مال ۽ عزتون محفوظ ناهين. ڏوه، منشيات فروشي اغوا سميت سموريون برايون عروج تي آهن پر حڪومت جي ڪن تي جون به نٿي سُري. هنن ٺل ۾ مبينا پوليس مقابلي ۾ قتل ٿيل نوجوان صدام لاشاري واري واقعي جي عدالتي جانچ جي گهر ڪندي چيو ته ڪوڙن مقابلن ۾ ماڻهو مارڻ واري پوليس جي روش انتهائي قابل مذمت آھي وارثن جو الزام آهي ته نوجوان کي ڪجهه ڏينهن اڳ گرفتار ڪيو ويو هو جنهن بعد کيس ڪوڙي مقابلي ۾ ماريو ويو آهي. تنهن ڪري هن واقعي جي عدالتي جانچ ڪري ملوث اهلڪارن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي. سنڌ جي مٿانهين ضلعن ۾ ڌاڙيلن عوام جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي معصوم ٻارن کي به اغوا ڪيو وڃي ٿو پر پوليس انتظاميا ڪا موثر ڪاروائي نه ٿي ڪري اڳواڻن چيو هنن سمورين براين جو سبب جاگيرداري طبقو آهي جن کي پ پ پ جو مڪمل آشيرواد حاصل آهي انڪري سنڌ جي ماڻهن کي هاڻي سجاڳ ٿيڻ گهرجي پنهنجي ووٽ جو درست استعمال ڪرڻ گهرجي جيئڻ سندن مقدر تبديل ٿي سگهي.










