حيدرآباد (ن س)حيدرآباد جي هڪ خانگي اسڪول جي او ليول جي شاگرد عام ماڻهو جي روزمره جي مسئلن ۽ مشڪلاتن تي ڪتاب لکي سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو.10هين ڪلاس جي 14 سالن جي شاگردياڻي جويريا آصف ٿرٽي ڊيز آف فيلنگ نالي ڪتاب لکيو آهي.جويريا جي ڪتاب ۾ عام ماڻهوءَ جي ذهني صحت، ڊپريشن ۽ مسئلن کي اڳيان آندو ويو آهي ۽ ٻڌايو ويو آهي ته جيڪڏهن ڪو به توهان جي ڊپريشن ۾ مدد نه ڪري رهيو آهي ته توهان کي پاڻ ان سان وڙهڻ گهرجي.14 سالن جي جويريا هڪ سال ۾ پنهنجو ڪتاب مڪمل ڪيو، جنهن تي هر ڪو سندس حوصلا افزائي ڪري رهيو آهي.جويريه جي لکڻين کي ڏسي جتي ڪتاب پڙهڻ وارا ان کي ساراهي رهيا آهن، اتي اسڪول جي پرنسپال، استاد ۽ ساٿي شاگرد پڻ ان تي فخر ڪري رهيا آهن.جويريه جي استاد جو چوڻ آهي ته سندس اها ڪوشش اسان لاءِ فخر جي ڳالهه آهي، اڄڪلهه ٻار موبائيل فونن ۾ مصروف آهن ۽ ڪتاب لکڻ هڪ ڪاميابي آهي. ڪتاب تي پنهنجي راءِ ڏيندي ساٿي شاگرد چيو ته جويريا جي ڪتاب سان ماڻهو مايوس ٿيڻ بدران مثبت سوچڻ شروع ڪندا.ڪتاب ۾ شاگرد ڊپريشن ۾ مبتلا ماڻهن کي ناڪاري سوچ ۽ خودڪشي سان همٿائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته هو ٻين تي ڀروسو ڪرڻ بدران مثبت سوچ سان حالتن کي منهن ڏين ته پوءِ زندگي آسان ۽ خوشگوار ٿي سگهي ٿي.










