حمزا قانون جو پروفيسرٿيڻ جي ڪوشش پيوڪري:فياض

حمزا قانون جو پروفيسرٿيڻ جي ڪوشش پيوڪري:فياض

لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فياض الحسن چوهاڻ پنجاب جي وڏي وزير حمزا شهباز جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته حمزا شهباز قانون جو پروفيسر بڻجڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.فياض الحسن چوهاڻ چيو ته حمزه شهباز صدر ۽ عمر سرفراز چيما کي آئين ۽ قانون سيکاري رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ استعيفيٰ ڏيڻ بدران اخلاقيات جي ڳالهه عوام جي توهين آهي.هن چيو ته پنجاب ۾ مهانگائي ۽ لاقانونيت جي بازار گرم آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو