ڀرياسٽي (شمشاد علي منگي ) فاروق اعظم چوڪ کان مٺل آباد اسٽاپ تائين ڀرياروڊ جي مشهور حمالي، عمران ملڪ ۔۽ پهلوان منير احمد شيخ جي وچ ۾ ڪلهن تي 100 ڪلو جي ٻوري کڻڻ جو مقابلو ٿيو. مقابلي ۾ نصرت ڪينال ڀرسان منير احمد شيخ ٿڪجي هارائي ويٺو. جڏهن ته عمران ملڪ مٺل آباد تائين ٻوري کڻي ميدان ماري ورتو. جڏهن ته فاروق اعظم چوڪ کان مٺل آباد اسٽاپ تائين ٻه ڪلو ميٽر جو مفاصلو هيو۔ ۽ کٽيندڙ اميدوار کي شوقينن ڪلهن تي کڻي هار پارائي خوشي جو اظهار ڪيو ۽ کٽيندڙ حمالي کي 20 هزار ڪيش انعام پڻ ڏنو ويو. آخر ۾ شوقينن پاران ڀرياروڊ جي فاروق اعظم چوڪ تي دهل وڄائي جهمريون هنيون ويون.










