حليم عادل کي پي پي جي ڪرپشن بي نقاب ڪرڻ جي سزا پئي ملي، شبلي فراز

حليم عادل کي پي پي جي ڪرپشن بي نقاب ڪرڻ جي سزا پئي ملي، شبلي فراز

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) اطلاعات واري وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته حليم عادل شيخ کي سنڌ حڪومت جي ڪرپشن ۽ انڌير نگري کي بي نقاب ڪرڻ جي سزا ڏني پئي وڃي.اطلاعات واري وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته حليم عادل شيخ کي سنڌ حڪومت جي ڪرپشن ۽ انڌير نگري کي بي نقاب ڪرڻ جي سزا ڏني پئي وڃي. جمهوريت ۽ اظهار جي آزادي وارو راڳ ڳائيندڙ سنڌ جي اپوزيشن اڳواڻ جي آواز کي خاموش ڪرڻ چاهين ٿا. سموري سنڌ حڪومت ۽ حڪومتي مشينري تحريڪ انصاف جي ٽائيگر حليم عادل شيخ کي نقصان پهچائڻ جا طريقا استعمال ڪري رهي آهي پر  هو عمران خان جو سپاهي آهي.شبلي فراز چيو ته ڪرپشن ۽ ناانصافي خلاف عمران خان جو علم پوري طاقت سان پڪڙي رکنداسين. اڄ سنڌ جو انفراسٽرڪچر تباهه ٿي ويو آهي جڏهن ته تعليمي ادارا چوپائي مال جا واڙا بڻجي چڪا آهن. پر حليم عادل شيخ سنڌ جي عوام جو آواز بڻجندو رهندو.

پهنجو تبصرو موڪليو