ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ حليم عادل شيخ جي گهرواري دعا ڀٽو به طلاق جي دعويٰ کانپوءِ پٽ جي حوالگي لاءِ درخواست داخل ڪري ڇڏي.دعا ڀٽو پاران ملير جي عدالت ۾ داخل درخواست ۾ پٽ کي بازياب ڪرائڻ ۽ پٽ جي سربراه مقرر ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي.درخواست ۾ چيو ويو آهي ته پٽ ڪمل حليم جي حفاظت مستقل طور تي منهنجي حوالي ڪئي وڃي، پٽ جي رهائش لاءِ 2 لک رپيا ماهوار ادا ڪيا وڃن ۽ ننڍي پٽ ڪامل حليم کي سربراه مقرر ڪيو وڃي.دعا ڀٽو پنهنجي درخواست ۾ اهو به مطالبو ڪيو آهي ته پٽ ڪامل کي پاڪستان ۽ ملڪ کان ٻاهر ڪٿي به وٺي وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي.ان کان علاوه عدالت ۾ جمع ڪرايل درخواست ۾ اهو به چيو ويو آهي ته حليم عادل شيخ کان منهنجو اصل شناختي ڪارڊ، ٻار جي ڄم جو سرٽيفڪيٽ ۽ بي فارم به واپس ڪيو وڃي.










