ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾فائرنگ، سنڌ مدرسه السلام جي باني حسن علي آفندي جو پوٽو قتل ٿي ويو، ان سلسلي ۾ پوليس جو چوڻ آهي ته زين آفندي کي گهر ۾ گهڙي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو، واقعي کانپوءِ واقعي واري هنڌ پوليس، امدادي ٽيمون ۽ علائقي واسي وڏي انگ ۾ پهتا، پوليس جو چوڻ آهي ته معاملي جي جاچ جاري آهي، پوليس جو وڌيڪ چوڻ آهي ته واقعو ڌاڙي دوران مزاحمت تي پيش آيو آهي، هٿياربند گهر ۾ گهڙي سونا زيور ۽ ٻيو قيمتي سامان کڻي ويا، فائرنگ زين آفندي کي قتل ڪيو ويو آهي، لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.










