حريم شاهه وڊيو ليڪس ڪيس ۾ ٽڪ ٽاڪر صندل خٽڪ گرفتار

حريم شاهه وڊيو ليڪس ڪيس ۾ ٽڪ ٽاڪر صندل خٽڪ گرفتار

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)ناليواري ٽڪ ٽاڪر حريم شاهه جون اعتراض جوڳيون وڊيوز ليڪ ڪرڻ جي الزام هيٺ ٽڪ ٽاڪر صندل خٽڪ گرفتار ٿي وئي اسلام آباد جي عدالت صندل خٽڪ جي گرفتاريءَ کان اڳ ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي، ضمانت رد ٿيڻ تي پوليس عدالت مان ٻاهر نڪرڻ تي صندل خٽڪ کي گرفتار ڪري ورتو حريم شاهه ۽ صندل خٽڪ پنهنجي وڪيلن سان گڏ اسلام آباد جي اسپيشل جج سينٽرل جي عدالت ۾ پيش ٿيون صندل خٽڪ جو چوڻ آهي ته حريم شاهه وڊيوز ليڪ ٿيڻ کان سال اڳ ئي مون کي تنگ ڪري رهي هئي، حريم شاهه اعتراض جوڳيون وڊيوز موڪلي مون کي بليڪ ميل ڪيو،هن جو چوڻ هو ته حريم شاهه جون وڊيوز نه مون ٺاهيون آهن ۽ نه ئي ليڪ ڪيون آهن، حريم شاهه جيڪو ڪجهه ڪري رهي آهي ان جا نتيجا ان کي ضرور ملندا، مون وڊيوز ليڪ ناهن ڪيون

پهنجو تبصرو موڪليو