قومي خودمختياري تي حملو ٿيو ته سخت جواب ڏنو ويندو: آرمي چيف

قومي خودمختياري تي حملو ٿيو ته سخت جواب ڏنو ويندو: آرمي چيف

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)چيف آف آرمي اسٽاف جنرل عاصم منير چيو آهي ته جيڪڏهن قومي خودمختياري تي حملو ٿيو ته مناسب جواب ڏنو ويندو. پاڪستان آرمي پبلڪ رليشنز ڊپارٽمينٽ (آءِ ايس پي آر) چيو ته آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير جي ايڇ ڪيو ۾ نيشنل ورڪشاپ بلوچستان جي شرڪت ڪندڙن سان ملاقات ڪئي. 2016ع کان نيشنل ورڪشاپ بلوچستان جو مقصد قيادت کي قومي ۽ صوبائي معاملن بابت آگاهي ڏيڻ آهي.آءِ ايس پي آر موجب، ان موقعي تي ڳالهائيندي آرمي چيف چيو ته بلوچستان ۾ جاري ترقياتي منصوبا عوام جي ڀلائي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، دشمن عنصر بلوچستان ۾ خوف ۽ انتشار پکيڙڻ چاهين ٿا، انهن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو.هن چيو ته پرڏيهي سرپرستي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي بلوچستان جي سلامتي لاءِ هڪ سنگين خطرو آهي، دهشتگردي جو ڪو به مذهب، فرقو يا قوم ناهي، ۽ ان جو مقابلو قومي اتحاد سان ڪنداسين.آرمي چيف چيو ته جيڪي ماڻهو بلوچ سڃاڻپ جي نالي تي دهشتگردي ڪن ٿا اهي بلوچ عزت تي داغ آهن.آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو ته پاڪستان خطي ۾ امن چاهي ٿو ۽ پنهنجي سالميت تي سمجهوتو نه ڪندو، وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن قومي خودمختياري تي حملو ٿيو ته مناسب جواب ڏنو ويندو.آءِ ايس پي آر موجب، ورڪشاپ هڪ تفصيلي سوال ۽ جواب جي سيشن سان ختم ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو