جيڪب آباد ۾ ترقياتي منصوبي جو افتتاح

جيڪب آباد ۾ ترقياتي منصوبي جو افتتاح

جيڪب آباد (ن سنڌيار) جيڪب آباد جي چنا محلا ۾ ٽف ٽائل جي هلندڙ ترقياتي منصوبي جو وفاقي وزير سردار محمد ميان سومرو افتتاح ڪيو. جيڪب آباد ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي سرڪار جا ترقياتي ڪم شروع ڪري ڇڏيا آهن.وفاقي وزير محمد ميان ترقياتي ڪمن جو دورو ڪري معائنو ڪيو ۽ علائقي واسين کان ڪمن بابت پڇا ڳاڇا ڪئي.محمد ميان سومرو علائقي واسين سان ڳالهائيندي چيو ته فنڊ موجب جيڪب آباد جي مختلف علائقن ۾ ٽف ٽائل جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي، جيئن ٻيو فنڊ ايندو ته آهستي آهستي شهر جي گهٽي گهٽي ۾ ترقياتي ڪم ڪرائي شهر سميت پوري ضلعي کي خوبصورت بڻايو ويندو. هن چيو ته آئون ڪوشش ۾ آهيان ته شهر جي ترقي لاءِ اڃان به وڌيڪ فنڊ وٺان ته جيئن ٽف ٽائل نالين، بجلي، گئس سميت سولر لائيٽن وارا ترقياتي منصوبا به شروع ٿي سگهن.هن چيو ته جيڪب آباد منهنجو شهر ۽ چونڊ تڪ آهي هتان جي عوام جو ڏنل پيار وساري نه ٿو سگهان مان وڏن عهدن تي رهي جيڪب آباد جي تاريخي خدمت ڪئي آهي ميگا منصوبا ڏنا آهن جيڪي اسان کان بعد فوري تباهه ڪيا ويا، پاڙي وارن جي گندگي جي شڪايت ڪرڻ تي محمد ميان سومرو چيو ته يو ايس ايڊ جيڪب آباد جي لاء گهڻو ڪجهه ڏنو آهي پر شهر کنڊرات بڻايو ويو آهي لوڪل ايڊ منسٽريشن نٿي چاهي ته شهرين جا مسئلا حل ٿين ان لاء مون شهرين جا مسئلا حل ڪرڻ لاء ڪوشش ڪئي آهي ۽ اڳتي به ڪندو رهندس.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو