نوابشاهه (اي ڪي ڏاھري) ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر شھيد بينظيرآباد ڊاڪٽر معين الدين شيخ پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻايو آھي ته هيلٿ ٽيم ڊسٽرڪٽ جيل جو دورو ڪري 235 قيدين جي ڪورونا وائرس جي چڪاس ڪئي وئي ڪنھن به قيدي ۾ ڪورونا وائرس جي علامت موجود نه هئي. جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته صحت کاتي جي ٽيم پاران قيدين ۽ جيل عملي کي هڪ ٻئي کان مفاصلو رکڻ ۽ ڪورونا وائرس کان بچاءِ لاءِ باربار هٿ ڌوئڻ سميت ٻين احتياطي تدبيرن بابت پڻ آگاهي ڏني وئي جڏهن ته جيل جو ميڊيڪل عملو پڻ قيدين کي احتياطي تدبيرون اختيار ڪرائڻ لاءِ ڪم ڪري رهيوآهي ان کان علاوه جيل ۽ رهائشي علائقن ۾ جراثيم ڪش اسپري پڻ ڪرايو ويو آهي.پڌرائي ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته ڊپٽي ڪمشنرشهيد بينظيرآباد پاران 60 ميل روڊ نوابشاھه تي قائم تبليغي مرڪز کي قرنطينه سينٽر قرار ڏيڻ کانپوءِ ڊي ايڇ او جي اڳواڻي ۾ ڊاڪٽرن جي هڪ ٽيم تبليغي مرڪز جو دورو ڪري مرڪز ۾ موجود 249 ماڻهن جي چڪاس ڪري کين ڪورونا وائرس کان بچاءِ لاءِ احتياطي تدبيرن بابت ڄاڻي ڏني.

صحت کاتي سڪرنڊ جي هڪ ٽيم پاران سکر قرنطينه سينٽر مان آيل پير ذاڪري ڳوٺ جي 15 ماڻهن ۽ ڳوٺ جمال شاھه ۾ تبليغي مرڪز لاهور کان آيل هڪ شخص جي چڪاس ڪري کين حفاظتي تدبيرون اختيارڪرڻ بابت ڄاڻ ڏني وئي جڏهن ته ڳوٺ تعلقه قاضي احمد جي صحت ٽيم پاران ڳوٺ سومر چانڊيو ۾ ڪورونا وائرس جي شڪي مريض جي گهر جو دورو ڪري کيس پنهنجي گهر ۾ آئسوليشن ۾ رهڻ سان گڏ گهر ڀاتين کي ڪورونا وائرس کان بچاءِ لاءِ احتياطي اپاءِ وٺڻ جي پڻ ڄاڻ ڏني وئي.










