جيل ڀريو تحريڪ: زلفي بخاري ۽ فياض چوهاڻ گرفتار

جيل ڀريو تحريڪ: زلفي بخاري ۽ فياض چوهاڻ گرفتار

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي اڳواڻن زلفي بخاري ۽ فياض چوهاڻ کي جيل حوالي ڪيو ويو آهي. پي ٽي آءِ اڳواڻ عامر ڪياني، عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد ۽ ٻين جي گرفتاري لاءِ راولپنڊي جي ڪميٽي چوڪ تي پاڪستان تحريڪ انصاف جيل ڀريو تحريڪ جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي.پي ٽي آءِ اڳواڻ فياض چوهاڻ سميت 10 ٻين پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته زلفي بخاري ۽ اعجاز خان کي به گرفتار ڪيو ويو، جنهن بعد پوليس وين کين ڪميٽي چوڪ وٽان وٺي وئي.ان کان علاوه اڳوڻو گهرو وزير شيخ رشيد به پي ٽي آءِ جي جيل ڀريو تحريڪ جي سلسلي ۾ ڪميٽي چوڪ تي موجود آهي.راولپنڊي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي غلام سرور خان چيو ته هو گرفتار نه ڪندا، چند اڳواڻن ۽ ٿورن ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو