جيستائين نيب آهي، پاڪستان نه هلندو: شاهد خاقان عباسي

جيستائين نيب آهي، پاڪستان نه هلندو: شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد(بيورو)اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته سمجه کان ٻاهر آهي ته پارليامينٽ مان پاس ٿيل بل درست نظر نٿو اچي، جيستائين نيب آهي پاڪستان نه هلي سگهندو.اسلام آباد ۾ احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته ملڪ جو صدر پارٽي ورڪر بڻجي ويندو ته نظام ڪيئن هلندو. شاهد خاقان عباسي چيو ته پي ٽي آءِ جي دور ۾ صدر ڪڏهن نيب چيئرمين کي پڇا ڳاڇا لاءِ سڏيو آهي. ملڪ ۾ 4 سال پي ٽي آءِ جي حڪومت هئي، پي ٽي آءِ پڇاڻو ڪيو ته نيب چيئرمين ڪهڙا ڪيس ٺاهيا؟هن چيو ته نيب ملڪ جي معيشت کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، هن اداري کي ختم ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته جيستائين نيب آهي پاڪستان نه هلي سگهندو.شاهد خاقان چيو ته نيب سبب سياسي ڇڪتاڻ جاري رهندي، نيب کان گذريل 4 سالن جا تفصيل وٺڻ گهرجن، سڀ کان وڌيڪ ماضي جي حڪومت نيب ۾ ترميمون ڪيون.اڳوڻي وزيراعظم چيو ته عارف علوي کي پاڪستان جو صدر ٿيڻ گهرجي، پي ٽي آءِ جو نه، ملڪ جو صدر پارليامينٽ کي رد ڪرڻ تي مجبور آهي.هن چيو ته گذريل حڪومت کي اڄ هر قانون ۾ خاميون نظر اچي رهيون آهن، صدر نيب ڪيسن جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن.شاهد خاقان وڌيڪ چيو ته صدر کي چوڻ گهرجي ته نيب انصاف جون گهرجون پوريون نه ڪري سگهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو