جيترو چاهيو روڪيو، ملڪ چونڊن طرف وڃي پيو: اسد عمر

جيترو چاهيو روڪيو، ملڪ چونڊن طرف وڃي پيو: اسد عمر

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ اسد عمر چيو آهي ته ملڪ عام چونڊن طرف وڃي رهيو آهي جيڪڏهن حڪمران چاهين اوترو روڪي وٺن،اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ بابر اعواڻ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي اسد عمر چيو ته آئين کي سڌو سنئون چئلينج ڪيو پيو وڃي.هن چيو ته عدالت هدايت ڪئي آهي ته 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرايون وڃن، جيڪڏهن آئيني ذميواري پوري نه ٿي ته اها آئين کان انحراف آهي.پي ٽي آءِ جي مرڪزي اڳواڻ وڌيڪ چيو ته اسيمبلي ٽوڙڻ کانپوءِ 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻ گهرجن، پاڪستان جو آئين هن وقت خطري ۾ آهي، چونڊن کان ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.هن چيو ته ڪڏهن گورنر چوي ٿو ته اسٽيبلشمينٽ مونکي ٻڌائي ته ڪڏهن چوندو آهي ته ايجنسيون مونکي ٻڌائينديون، مون کي خبر ناهي ته گورنر سچ ڳالهائي رهيو آهي يا نه،هن چيو ته قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي، ماڻهن تي تشدد ڪيو ويو، فواد چوڌري تي سچ ڳالهائڻ تي ڪيس داخل ڪيو ويو،پي ٽي آءِ جي مرڪزي اڳواڻ وڌيڪ چيو ته فواد چوڌري توهان سان ايترو ئي خراب ڪرڻ وارو آهي جيڪو اڳ ڪندو هو، شيخ رشيد تي به دٻاءُ وڌو پيو وڃي.ان موقعي تي ڳالهائيندي بابر اعواڻ چيو ته پاڪستان کي ٻن رستن مان هڪ کي چونڊڻو آهي، هڪ تباهي جو رستو ۽ ٻيو نئين چونڊن جو رستو آهي.بابر اعواڻ وڌيڪ چيو ته تحريڪ انصاف کي نون چئلينجن مان نئون حوصلو ملي ٿو، چئلينجز حاصل ڪندا رهنداسين، اسان کي ڪنهن به چيلنج جي پرواهه ناهي، اسان ظالمانه نظام مان جان ڇڏائڻ وارا آهيون.

پهنجو تبصرو موڪليو