اسلام آباد (بيورو رپورٽ) فيڊرل بورڊ آف ريونيو (ایف بي آر) نئين مالياتي سال جي پهرين مهيني (جولاءِ) ۾ پگهاردار طبقي کان 44 ارب رپيا انڪم ٽئڪس اوڳاڙي ورتو آهي، جيڪو گذريل ٻن سالن جي جولاءِ مهينن (مالي سال 2025ع ۾ 42 ارب ۽ مالي سال 2024ع ۾ 30 ارب) کان ڪافي وڌيڪ آهي. حڪومت پاران بجٽ ۾ 22 لک رپين کان وڌيڪ سالياني پگهار وارن سليبس تي ٽئڪس جي شرحن ۾ ڪجهه گھٽتائيءَ باوجود مجموعي اوڳاڙيءَ ۾ واڌارو رڪارڊ ڪيو ويو آهي.










