روم(ويب ڊيسڪ)اٽلي جي وزيراعظم جورجيا ميلوني جمعي ڏينهن پنهنجي اڳوڻي ويجهي اتحادي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تي الزام لڳايو آهي ته هن سندس باري ۾ هڪ “من گهڙت ڪهاڻي” ٺاهي آهي، جڏهن آمريڪي صدر هڪ اطالوي ٽي وي چينل کي ٻڌايو ته جي-7 سربراهي اجلاس دوران ميلوني کيس ساڻس تصوير ڪڍرائڻ لاءِ “ايلاز ڪيا هئا”۔
ميلوني چيو ته هوءَ ٽرمپ جي انهن ڳالهين تي “حيران” آهي، ڇاڪاڻ ته اهي “مڪمل طور تي ڪوڙ ۽ گهڙيل” آهن۔ هن ٽرمپ تي اها به تنقيد ڪئي ته هو مغرب جي دشمنن سان ته وڌيڪ نرمي ۽ احترام سان پيش اچي ٿو، پر پراڻن ۽ مضبوط اتحادي ملڪن سان ائين نٿو ڪري۔
ميلوني حڪومت جي ڪاوڙ جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته اٽلي جي پرڏيهي وزير اينتونيو تاجاني اعلان ڪيو ته هو ايندڙ هفتي آمريڪا جو پنهنجو طئي ٿيل دورو رد ڪري رهيو آهي۔
هي تازي لفظي جنگ ٻنهي ڌرين جي لاڳاپن ۾ واضح خرابي کي ظاهر ڪري ٿي، خاص طور تي ان وقت جڏهن ڪجهه ڏينهن اڳ فرانس ۾ ٿيل جي-7 اجلاس دوران اهو تاثر مليو هو ته ايران واري جنگ بابت اختلافن کان پوءِ ٻنهي ساڄي ڌر جي اڳواڻن وچ ۾ لاڳاپا ڪجهه بهتر ٿيا آهن۔
رائٽر جي رپورٽ موجب فرانس ۾ ٿيل تقريب جي وڊيو ۾ ميلوني ۽ ٽرمپ هڪ ننڍڙي صوفي تي گڏ ويٺل ۽ گهري ڳالهه ٻولهه ڪندي نظر آيا، پر آمريڪي صدر اشارو ڏنو ته هو رڳو سندس دل رکڻ لاءِ ساڻس ڳالهائي رهيو هو۔
لا-7 ٽي وي چينل موجب ٽرمپ چيو: “شايد هوءَ خوش آهي ته مون ساڻس ڳالهايو۔ مون لاءِ ساڻس ڳالهائڻ ضروري نه هو۔”
ٽرمپ وڌيڪ چيو: “هن مون سان تصوير ڪڍرائڻ لاءِ منتون ڪيون۔ هوءَ مون سان تصوير ڪڍرائڻ لاءِ بيحد بي تاب هئي۔ مان تصوير نه ڪڍرائيان ها، پر مون کي سندس لاءِ افسوس ٿيو۔”
چينل اصل آڊيو جاري نه ڪئي، رڳو ڊب ڪيل نسخو نشر ڪيو ويو۔
ميلوني جو سخت جواب
ميلوني سخت لفظن ۾ جواب ڏيندي چيو: “ڊونلڊ ٽرمپ جون ڳالهيون مڪمل طور تي ڪوڙ آهن۔ مان واقعي حيران آهيان۔ مون کي خبر ناهي ته آمريڪا جو صدر پنهنجن اتحادي ملڪن سان اهڙو رويو ڇو اختيار ڪري ٿو، ۽ هي پهريون ڀيرو به ناهي ٿيو۔”
هن وڌيڪ چيو: “افسوس جي ڳالهه اها آهي ته هو مغرب ۽ آمريڪا جي دشمنن سان ايتري سختي نٿو ڏيکاري، جن جي اڳواڻن سان هو گهڻي نرمي سان پيش اچي ٿو۔”
ميلوني زور ڀريندي چيو: “هڪ ڳالهه هن کي ياد رکڻ گهرجي: نه مان ۽ نه ئي اٽلي ڪڏهن به ڪنهن آڏو منتون ڪندا آهن۔”
پرڏيهي وزير تاجاني پنهنجي آمريڪي دورو رد ڪرڻ جو اعلان ڪندي ايڪس تي لکيو: “صدر ٽرمپ جا وزيراعظم جورجيا ميلوني بابت سنجيده ۽ توهين آميز لفظ سڄي اٽلي جي توهين آهن۔”
“ٽرمپ تاريخي لاڳاپا تباهه ڪري رهيو آهي”
ميلوني جي ويجهن سياسي ساٿين مان هڪ، جيڪو عام طور ميڊيا کان پري رهندو آهي، به ٽرمپ تي سخت تنقيد ڪئي۔
وزيراعظم آفيس جي انڊر سيڪريٽري Giovanbattista Fazzolari چيو: “اهو واضح ناهي ته ارادي سان يا نااهلي سبب، ٽرمپ آمريڪا ۽ يورپ جي تاريخي لاڳاپن کي تباهه ڪري رهيو آهي۔”
هن وڌيڪ چيو: “پنهنجين غير مناسب بيانبازين ذريعي هن اهو ڪم به ڪري ڏيکاريو آهي، جيڪو آسان نه هو: سڄي يورپ ۾ آمريڪا کي غير مقبول بڻائڻ، جنهن سان نه رڳو يورپ پر سڀ کان وڌيڪ خود آمريڪا کي نقصان پهچي رهيو آهي۔”
ياد رهي ته ميلوني هڪ وقت ٽرمپ جي زوردار حمايتي هئي ۽ 2025ع ۾ سندس حلف برداري تقريب ۾ شرڪت ڪندڙ واحد يورپي اڳواڻ هئي۔
پر هن سال هن ٽرمپ تي تنقيد ڪئي هئي جڏهن هن ايران واري تڪرار بابت پوپ ليو جي موقف تي سخت ردعمل ظاهر ڪيو هو۔ ان تي ٽرمپ به کيس سخت جواب ڏيندي الزام لڳايو هو ته هوءَ “همت کان محروم” آهي۔
ياد رهي ته ايران جنگ دورن اٽلي، آمريڪا کي فضائي بيس استعمال ڪر جي اجازت نه ڏني هئي.










