واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر جو بائيڊن ۽ يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي ۾ روس-يوڪرين تڪرار تي هڪ ڪلاڪ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي. پرڏيهي خابرو اداري موجب ٻنهي ملڪن جي صدرن يوڪرين جي فوج جي مدد لاءِ اضافي سهولتن جي فراهمي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ڳالهين دوران، بائيڊن يوڪرين جي سڌي طرح 500 ملين ڊالر امداد جو اعلان پڻ ڪيو. ڳالهين جي حوالي سان يوڪرين جي صدر جو چوڻ هو ته جوبائيڊن سان خاص دفاعي سهڪار، نئين پابندين واري پيڪيج، ميڪرو اڪنامڪ ۽ انساني امداد تي ڳالهيون ٿيون. ٻئي طرف يوڪريني اختيارين پاران ڪيل دعويٰ موجب يوڪرين جي شهر ارپين ۾ روسي حملي ۾ 200 کان 300 شهري مارجي ويا آهن. سلوواڪيا 35 روسي سفارتڪارن کي ملڪ بدر ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته روس اڄ کان يوڪرين جي شهر ماريوپول مان شهرين جي نڪرڻ لاءِ جنگبندي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.










