ڪراچي (رپورٽر) ملير ۾ هڪ هفتو اڳ معمولي ڳالھ تان جهڙي ۾ قتل ٿيل جوکيا برداري جي ٽن ڄڻن جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف مختلف برادرين جو احتجاجي مظاهرو ڌرڻو ، ميمڻ ڳوٺ پوليس ڪيس داخل هجڻ باوجود هفتو گذرڻ بعد به مک قاتلن کي گرفتار ڪري نه سگهي آهي پوليس قاتلن سان مليل آهي قاتلن کي گرفتارڪري انصاف ڪيو وڃي مظاهرين تفصيل موجب؛ ملير جي علائقي درساڻو ڇنو جي حاجي اسحاق جوکيو ڳوٺ ۾ معمولي ڳالھ تان حيدري ۽ جوکيا برادري ۾ ٿيل جهيڙي دوران فائرنگ ۾ جوکيا برادري جي ٽن نوجوانن سميت چار ڄڻا قتل ٿي ويا هئا جڏهن ته قتل ٿيل جوکيا برادري جي ٽن ڄڻن بادشاھ جوکيو جبار جوکيو ۽ انور جوکيو جي قتل جو ڪيس ميمڻ ڳوٺ ٿاڻي تي حيدري برادري جي ماڻھن مٿان داخل ڪرايو ويو هو پر هڪ هفتو گذرڻ باوجود ميمڻ ڳوٺ پوليس پاران قاتل گرفتار نه ڪرڻ خلاف مقتولن جي وارثن جوکيا برادري سميت مختلف برادرين پاران قاتلن جي گرفتاري لاء پريس ڪلب اڳيان مير نواز جوکيو انيس جوکيو پ پ اڳواڻ امداد جوکيو سماجي اڳواڻ يعقوب خاصخيلي فريد احمد بلوچ ارشد جوکيو ساجد غلام جوکيو عبدالمالڪ جوکيو جي اڳواڻي ۾ هزارين ماڻھن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي مظاهرين چيو ته جوکيا برادري امن پسند برادري آ هٿ وٺي جوکيا برادري کي ٽارگيٽ بڻايو پيو وڃي هنن چيو ته اسان جا ٽي نوجوان حيدري برادري جي هٿياربندن سرعام گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيا جنهن جو ڪيس ميمڻ ڳوٺ ٿاڻي تي هڪ هفتو اڳ داخل ڪرايو ويو آهي پر ميمڻ ڳوٺ پوليس هڪ هفتو گذرڻ باوجود قتل ۾ ملوث اهم قاتلن روشن حيدري ۽ اصغر حيدري کي گرفتار ڪري نه سگهي آهي پوليس قاتلن سان مليل آهي هنن مطالبو ڪيو ته قتل ۾ ملوث اهم قاتلن کي گرفتار ڪري اسان جي نوجوانن جي بيگناھ خون سان انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ جوکيا برادري ۽ ٻيون برادريون قاتلن جي گرفتاري تائين احتجاجي تحريڪ هلائينديون










