ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ گٽڪي ۽ مين پڙي تي پابندي کان پوءِ ”جهوم پراگ پان مصالحو“ تيار ڪندڙ فيڪٽري جي مالڪ کي پنهنجي خرچ تي آغا خان، ڊائو ميڊيڪل ليب ۽ ڪراچي يونيورسٽي مان ٽيسٽ ڪرائڻ جي هدايت ڪندي فوڊ اٿارٽي کي ”جهوم پراگ“ تيار ڪندڙ فيڪٽري جو معائنو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت اهڙو حڪم ڄاڻايل ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي ڏنو. ڪالهه عدالت جيئن ئي ڪيس جي ٻڌڻي شروع ڪئي ته فوڊ کاتي پاران ”جهوم پراگ“ جو سيل ٿيل دٻو عدالت ۾ پيش ڪيو ويو جيڪو عدالت، وڪيلن ۽ صحافين پڻ چيڪ ڪيو. ان موقعي تي عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته ميڊيا وارا جيڪڏهن هن پڙيءَ کي کائڻ چاهين ته پنهنجي رسڪ تي کائي سگهن ٿا. عدالت چيو ته ڏسڻ ۾ ته صحت لاءِ هاڃيڪار لڳي رهي آهي جنهنڪري ان کي ڪليئر قرار نٿو ڏئي سگهجي. عدالت فيڪٽري مالڪ کي پنهنجي ئي خرچ تي پراڊڪٽ آغا خان، ڊائو ميڊيڪل ليب ۽ ڪراچي يونيورسٽي مان ٽيسٽ ڪرائڻ جي هدايت ڪندي فوڊ اٿارٽي کي ”جهوم پراگ“ تيار ڪندڙ فيڪٽري جو معائنو ڪرڻ 19 فيبروري تي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.










