ايڊورڊيو بيپٽستا ۽ فيني پوٽڪن
چين جديد فوجي هٿيارن کي مصنوعي ذهانت واري ٽيڪنالاجي سان هم آهنگ ڪري رهيو آهي جيئن هو آمريڪا سان مقابلو ڪري سگهي. چين جي رياستي دفاعي وڏي ڪمپني نورنڪو فيبروري ۾ هڪ اهڙي فوجي گاڏي متعارف ڪرائي هئي جيڪا خودڪار اي آءِ نظام سان 50 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان جنگي آپريشن سرانجام ڏئي رهي هئي ۽ اها مڪمل طور ڊيپ سيڪ سان سلهاڙيل هئي. ڊيپ سيڪ چين جي آي آءِ شعبي ۾ نهايت ئي فخر جهڙو ماڊل آهي.
رائٽرز جي نمائندن چين جي هٿيارن کي اي آءِ سان ڳنڍڻ بابت ڪيترن ئي دستاويزن، ٽينڊرز ۽ پيٽنٽس جو معائنو ڪيو آهي. ان ڏس ۾ ھواويءَ تي جڏهن سندس چپس جي فوجي استعمال بابت سوال ڪيو ويو ته ڪمپني تبصرو ڪرڻ کان انڪار ڪيو. چين جي دفاع واري وزارت، ڊيپ سيڪ (DeepSeek)، ۽ نورينڪو (Norinco) پڻ پنهنجي مصنوعي ذهانت (AI) جي فوجي استعمال بابت سوالن جا جواب نه ڏنا. اهي يونيورسٽيون ۽ دفاعي ڪمپنيون جن جون پيٽنٽس ۽ تحقيقاتي مقالا رائٽرز ڏٺا، سي به اهڙن سوالن جو جواب نٿا ڏين.
ڊيپ سيڪ تي انحصار (DeepSeek Dependence)
رائٽرز جي ڏٺل دستاويزن موجب، هن سال پي ايل اي (PLA) جي ڪيترين ئي تنظيمن پاران جاري ڪيل درجن کن ٽينڊرن ۾ ڊيپ سيڪ ماڊلز جي استعمال جو ذڪر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته رڳو هڪ ٽينڊر ۾ علي بابا جي ’قوئن‘ (Qwen) جو حوالو ڏنو ويو، جيڪا هڪ وڏي مقامي مقابلي واري ڪمپني آهي. علي بابا به پنهنجي ماڊل جي فوجي استعمال بابت ڪو به تبصرو نه ڪيو.
جيمز ٽائون (Jamestown) جي مطابق، 2025 دوران ڊيپ سيڪ سان لاڳاپيل خريداريءَ جا اعلان تيزيءَ سان وڌيا آهن، ۽ نوان فوجي استعمال باقاعدي طور پي ايل اي جي نيٽ ورڪ تي ظاهر ٿي رهيا آهن. پي ايل اي ۾ ڊيپ سيڪ جي مقبوليت چين جي اُن هدف جي عڪاسي ڪري ٿي جنهن کي بيجنگ ”الگورٿماتي خودمختياري“ (algorithmic sovereignty) سڏي ٿو — يعني مغربي ٽيڪنالاجيءَ تي انحصار گھٽائڻ ۽ ڊجيٽل ڍانچي تي پنهنجي ڪنٽرول کي مضبوط ڪرڻ.
آمريڪي دفاع واري وزارت به پي ايل اي جي مصنوعي ذهانت جي استعمال تي تبصرو ڪرڻ کان انڪار ڪيو. آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي ترجمان رائٽرز کي چيو ته ”ڊيپ سيڪ رضاڪاراڻي طور تي چين جي فوجي ۽ انٽيليجنس آپريشنن کي سهڪار فراهم ڪيو آهي ۽ امڪان آهي ته اهو سلسلو جاري رهندو.“ ترجمان وڌيڪ چيو ته واشنگٽن ”آمريڪي AI ٽيڪنالاجيءَ کي دنيا جي ڀروسي لائق ملڪن تائين وڌائڻ جي حڪمت عملي جاري رکندو، جڏهن ته ان ٽيڪنالاجي کي مخالفن جي هٿن کان پري رکندو.“
AI سان هلندڙ منصوبا ۽ ايپليڪيشنز
دستاويزن موجب، چين اهڙا AI سان هلندڙ روبوٽ ڪتا تيار ڪرڻ تي ڪم ڪري رهيو آهي جيڪي ٽوليءَ ۾ خطرا ڳولين ۽ ڊرون جي هجوم کي خودمختيار طريقي سان هدف ٽريڪ ڪرڻ جي صلاحيت ڏين. نومبر 2024 ۾، پي ايل اي هڪ اهڙو ٽينڊر جاري ڪيو جنهن ۾ AI روبوٽ ڪتن کي گڏجي خطرن جي ڳولا ۽ ڌماڪيدار مواد صاف ڪرڻ لاءِ استعمال ڪرڻ جو منصوبو بيان ڪيو ويو. رائٽرز تصديق نه ڪري سگهيو ته اهو ٽينڊر پورو ٿيو يا نه. چين اڳ ۾ به يونٽري (Unitree) نالي ڪمپنيءَ جي هٿياربند روبوٽ ڪتن کي فوجي مشقن ۾ استعمال ڪيو آهي، جيئن ته رياستي ميڊيا جي تصويرن مان ظاهر ٿئي ٿو. يونٽري به پي ايل اي سان پنهنجي ڪم بابت سوالن جو جواب نه ڏنو.
پوين ٻن سالن جي پيٽنٽس، ٽينڊرن ۽ تحقيقي مقالن جو جائزو ڏيکاري ٿو ته پي ايل اي ۽ لاڳاپيل ادارا AI کي فوجي منصوبابنديءَ کي بهتر ڪرڻ لاءِ استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، جن ۾ سيٽلائيٽ ۽ ڊرونز کان ورتل تصويرن جي تيز تجزيي لاءِ ٽيڪنالاجي به شامل آهي.
لينڊ شپ انفارميشن ٽيڪنالاجي (Landship Information Technology) جي محققن چيو ته انهن جو نظام، جيڪو هواوي چپس تي ٻڌل آهي، سيٽلائيٽ تصويرن مان هدف جي سڃاڻپ فوري ڪري سگهي ٿو ۽ ريڊار ۽ جهازن سان گڏجي آپريشنز کي هڪ وقت سرانجام ڏئي سگهي ٿو.
شيان ٽيڪنالاجيڪل يونيورسٽي جي تحقيق موجب، AI جي استعمال سان فوجي منصوبابنديءَ ۾ هدف ڳولڻ کان وٺي آپريشن لاڳو ڪرڻ تائين وقت گهڻو گهٽجي ويو آهي۔ هن اداري جي ماهرن مطابق، انهن جو ڊيپ سيڪ تي ٻڌل نظام 10,000 جنگي منظرناما — مختلف حالتن، ميدانن ۽ فوجي ترتيبن سان — صرف 48 سيڪنڊن ۾ تجزيو ڪيو، جيڪو عام حالتن ۾ 48 ڪلاڪ وٺندو آهي. رائٽرز انهن دعوائن جي آزاد تصديق نه ڪري سگهيو.
خودڪار هٿيار (Autonomous Weapons)
دستاويزن مان ظاهر ٿئي ٿو ته چين جي فوج خودڪار جنگي ٽيڪنالاجي ۾ وڌندڙ سيڙپڪاري ڪري رهي آهي. رائٽرز ڏٺل ٻه درجن پيٽنٽس ۽ ٽينڊرن مان معلوم ٿيو ته فوج AI کي ڊرونز ۾ شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ته جيئن اهي هدف سڃاڻي، ٽريڪ ڪري سگهن، ۽ گهٽ انساني مداخلت سان گڏجي ڪم ڪري سگهن.
بيهانگ يونيورسٽي (Beihang University)، جيڪا فوجي هوائي تحقيق لاءِ مشهور آهي، هن سال جي هڪ پيٽنٽ ۾ ٻڌايو ته اها ڊيپ سيڪ کي استعمال ڪري ڊرون جي هجوم جي فيصلا سازيءَ کي بهتر ڪري رهي آهي، خاص طور تي ”Low, Slow, Small“ هدفن (جهڙوڪ ننڍا ڊرون ۽ هلڪا جهاز) شامل آهن.
چيني دفاعي اڳواڻن واضح ڪيو آهي ته هو هٿيارن جي نظامن تي انساني ڪنٽرول برقرار رکڻ جا پابند آهن، جيئن بيجنگ ۽ واشنگٽن وچ ۾ ممڪن ٽڪراءَ جي صورت ۾ AI هٿيارن جي بيقابو استعمال کان بچي سگهجي.
آمريڪي فوج به AI ۾ سيڙپڪاري ڪري رهي آهي ۽ 2025 جي آخر تائين هزارين خودمختيار ڊرونز تعينات ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي، جيئن چين جي بنا پائلٽ جهازن جي عددي برتريءَ کي متوازن ڪري سگهجي.
آمريڪي چپس، چيني ماڊلز
چيني دفاعي ٺيڪيدار جهڙوڪ شانشي 100 ٽرسٽ انفارميشن ٽيڪنالاجي پنهنجن اشتهارن ۾ مقامي طور تي تيار ڪيل جزن جهڙوڪ هواويءَ جي Ascend چپس تي ڀروسو ظاهر ڪيو آهي، جيڪي AI ماڊلز کي هلائڻ جي قابل بڻائن ٿيون. ڪمپني هواوي ۽ پي ايل اي سان پنهنجي لاڳاپي بابت ڪو جواب نه ڏنو. مقامي پروسيسرن ڏانهن منتقليءَ جي باوجود، نِويڊيا (Nvidia) جو سامان اڃا تائين فوجي لاڳاپيل محققن جي پيٽنٽس ۾ گهڻو حوالو ڏنو ويو آهي.
رائٽرز مطابق، پي ايل اي جي نيشنل يونيورسٽي آف ڊفينس ٽيڪنالاجي (NUDT) ۽ آمريڪي پابندين هيٺ آيل ”سيون سنز“ (Seven Sons) يونيورسٽين جي محققن 35 اهڙيون درخواستون داخل ڪيون آهن جن ۾ نِويڊيا جي A100 چپس جي استعمال جو ذڪر آهي. ساڳئي عرصي ۾ انهن ادارن 15 پيٽنٽس جمع ڪرايا جن ۾ هواوي Ascend هارڊويئر جو حوالو ڏنو ويو، جيڪو نِويڊيا چپس جي متبادل طور تي تيار ڪيو ويو.
جُون 2025 ۾، پي ايل اي راڪيٽ فورس يونيورسٽي آف انجنيئرنگ هڪ نئون پيٽنٽ داخل ڪيو، جنهن ۾ ريموٽ سينسنگ ٽارگيٽ ڊٽيڪشن سسٽم لاءِ A100 چپس استعمال ڪرڻ جو ذڪر آهي.
اين يو ڊي ٽي جي تحقيقاتي مرڪز جي سربراهه ڪرنل ژو چيچائو (Zhu Qichao) گذريل سال رائٽرز کي ٻڌايو ته آمريڪي پابندين سندن AI تحقيق کي ”ڪجهھ حد تائين متاثر“ ڪيو آهي، پر هو ٽيڪنالاجيءَ جي خال کي گهٽائڻ لاءِ پرعزم آهن.
نِويڊيا جي نمائندي ريزو (Rizzo) چيو ته پي ايل اي پاران نِويڊيا جي هارڊويئر جي طلب کي وڌائي پيش نه ڪيو وڃي، ڇو ته ”چين وٽ پنهنجي فوجي ضرورتن لاءِ ڪافي گهريلو چپس موجود آهن.“ (نوٽ هي تفصيلي اسٽوري رائٽر جي بيجنگ ۽ سنگاپور جي نمائندن لکي آهي، جيڪا اسين سندن ٿورن سان پنهنجي پڙهندڙن لاءِ پيش ڪريون ٿا. ادارو)










