پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ سعودي وزير اسلام آباد پهچي ويو

پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ سعودي وزير اسلام آباد پهچي ويو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ جنگ واري صورتحال دوران سعودي پرڏيهي وزير عادل الجبير اسلام آباد پهچي ويو،سرڪاري ٽيليويزن پي ٽي وي موجب، سعودي عرب جي سفير ۽ پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير جو اعليٰ عهديدارن استقبال ڪيو، سعودي پرڏيهي معاملن جو مملڪتي وزير عادل الجبير وزيراعظم شهباز شريف سان به ملاقات ڪندو،ياد رهي ته ڪالهه، پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ جي وچ ۾، ايران ۽ سعودي عرب جي پرڏيهي وزيرن هندستان جو دورو ڪيو ۽ پنهنجي هندستاني هم منصب، جئي شنڪر سان ملاقات ڪئي،سعودي عرب جي پرڏيهي معاملن واري وزير عادل الجبير هندستاني پرڏيهي وزير جيشنڪر سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران ٻنهي اڳواڻن باهمي دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو