جنگ وڌائڻ نٿا چاهيون پر دشمن اڳرائي ڪئي ته جواب ڏينداسين

جنگ وڌائڻ نٿا چاهيون پر دشمن اڳرائي ڪئي ته جواب ڏينداسين

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي صدر مسعود پزشڪيان چيو آهي ته اسين پنهنجن حدن جو ڀرپور دفاع ڪنداسين، پر اسان جو مقصد ڪنهن به صورت ۾ جنگ کي وسعت ڏيڻ ناهي.مسعود پزشڪيان چيو ته اسان کي موجوده حالتن ۾ هڪ اهڙو معاشرو تعمير ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪرڻ گھرجي جنهن تي دشمن نظر نه وجهي سگهي.هن ملڪي سلامتي ۽ سماجي اتحاد تي زور ڏيندي چيو ته اسان کي اندروني طور تي ايترو مضبوط ٿيڻ گهرجي جو دشمن اسان جي معاشري ۾ مداخلت نه ڪري سگهي ۽ ان سماجي ڍانچي کي تقسيم ڪري تباهه ڪرڻ جي ناپاڪ ارادن ۾ ڪڏهن به ڪامياب نہ ٿئي.

آمريڪا-ايران تڪرار جي حل لاءِ پاڪستان سميت ٻين ملڪن جون سفارتي ڪوششون جاري آهن: قطر
قطر جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ماجد الانصاري چيو آهي ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ سفارتي حل ڳولڻ جون ڪوششون جاري آهن.ماجد الانصاري ميڊيا سان گفتگو ڪندي چيو ته موجوده صورتحال ۾ سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته مذاڪراتي عمل ٻيهر شروع ڪيو وڃي ۽ ٻئي ڌريون بات چيت جي ميز تي واپس اچن.هن ٻڌايو ته قطر، پاڪستان ۽ عمان سميت ٽئين ڌر وارو (ثالثي) ڪردار ادا ڪندڙ ملڪ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ مذاڪرات کي اڳتي وڌائڻ، رابطن کي برقرار رکڻ ۽ مسودي جي مٽاسٽا ۾ ويجهو تعاون ڪري رهيا آهن تاڪه تڪرار جو پرامن ۽ سفارتي حل ڳولي سگهجي.

يمني حوثين جو سعودي عرب جي نجران ايئرپورٽ تي ڊرون حملي جو دعويٰ
يمن جي حوثي گروهه سعودي عرب جي نجران ايئرپورٽ تي ڊرون حملي جو دعويٰ ڪيو آهي.حوثين پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته انهن ڊرون جي مدد سان نجران ايئرپورٽ تي هڪ حساس سعودي حدف کي ڪاميابيءَ سان نشانو بڻايو آهي.بيان ۾ چيو ويو ته اها ڪارروائي سعودي عرب پاران يمن ۾ ڊرون طيارن ذريعي ڪئي ويندڙ فضائي حدود جي خلاف ورزيءَ جي جواب ۾ ڪئي وئي آهي.

آبناءِ هرمز ويجهو مال بردار جهاز تي حملي کانپوءِ عملي جهاز ڇڏي ڏنو، هڪ ميمبر گم
غير ملڪي خبررسان ايجنسيءَ موجب عمان جي ساحل ويجهو آبناءِ هرمز تان گذرندڙ لائبيريا جو پرچم بردار مال بردار جهاز ‘منوئان پائنيئر’ نامعلوم پروجيڪٽائل جي حملي جو نشانو بنجي ويو. ميري ٽائيم سيڪيورٽي ذريعن موجب حملي کانپوءِ عملي جهاز کي ڇڏي ڏنو آهي جڏهن ته عملي جو هڪ ميمبر گم آهي.برطانوي ميري ٽائيم رسڪ مئنيجمينٽ گروپ ‘وين گارڊ’ پنهنجي هڪ الڳ بيان ۾ ٻڌايو آهي ته پروجيڪٽائل مبينا طور جهاز جي انجڻ روم سان ٽڪرايو جنهن سبب عملي جي رهائش واري حصي ۾ باهه ٻري پئي. گروپ موجب جهاز جو عملو باهه تي قابو پائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ ان کي فوري مدد جي ضرورت آهي جڏهن ته جهاز جو ٿرڊ انجنيئر گم آهي.

عمان ويجهو هڪ مال بردار جهاز تي پروجيڪٽائل سان حملو
عمان ويجهو هڪ مال بردار جهاز کي پروجيڪٽائل سان نشانو بڻائڻ جي اطلاع ملي آهي.برطانوي ميري ٽائيم ٽريڊ آپريشنز ايجنسيءَ موجب، عمان جي شهر خصب کان تقريبن 37 ڪلوميٽر اتر-اوڀر ۾ هڪ ڪارگو جهاز نامعلوم نوعيت جي پروجيڪٽائل جي ۾ اچي ويو.لاڳاپيل اختيارين واقعي جي تحقيقات ڪري رهيا آهن.ايجنسيءَ علائقي ۾ موجود سڀني جهازن کي احتياط سان سفر ڪرڻ ۽ ڪنهن به مشڪوڪ سرگرميءَ جي فوري اطلاع ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي.

ايران يوڪرين ۾ 3 حدفن تي حملن جي تياري ڪري ورتي هئي: ايراني سپريم ليڊر جو صلاحڪار
ايران جي سپريم ليڊر مجتبىٰ خامنائي جي سينئر صلاحڪار ميجر جنرل محسن رضائي واضح ڪيو آهي ته ايران آبناءِ هرمز ۾ ڪنهن ٻئي رستي جي اجازت نه ڏيندو.سپريم ليڊر جي صلاحڪار جنرل محسن رضائي پنهنجي بيان ۾ آمريڪا کي خبردار ڪيو آهي ته جنگي جهاز يا فوج آندي وئي ته ان کي به نشانو بڻائينداسين.هن چيو ته ڪيترائي جهاز ايران جي وارننگ تي واپس مڙي رهيا آهن، آمريڪا جو حڪم مڃڻ وارا جهاز نقصان کڻندا آهن ۽ پوءِ پاڻهي مڙي ويندا آهن.محسن رضائي چيو ته ايران پنهنجي موقف تي قائم آهي ته هرمز آمريڪا جي شرطن تي ٻيهر نه کُليندي.ان کان علاوه هن جو چوڻ هو ته ايران يوڪرين ۾ 3 حدفن تي حملن جي تياري ڪري ورتي هئي، يوڪرين ايراني جهاز تي حملي کي پنهنجي غلطي مڃيو جنهن تي حملي جو ارادو ترڪ ڪيو ويو، يوڪرين کي هر صورت ۾ قيمت ادا ڪرڻي پوندي.

ايران سان مذاڪرات جاري آهن، ان وٽ هڪ سٺي معاهدي تي صحيحون ڪرڻ جو هي آخري موقعو آهي: ٽرمپ
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ ڀيرو ٻيهر دھمڪي ڏيندي چيو آهي ته ايران کي تباهه ڪندڙ ڪارروائيءَ کان اڳ آخري موقعو ڏيڻ چاهيان ٿو، ڊيل نه ٿي ته ان کي تباهيءَ جو سامھون ڪرڻو پوندو.وائيٽ هائوس ۾ صحافين سان گفتگو ڪندي آمريڪي صدر ٽرمپ چيو ته اسين ان وقت ايران سان بات چيت ڪري رهيا آهيون ۽ اها ايران جي درخواست تي ٿي رهي آهي. ان عمل جي حمايت سعودي عرب، متحده عرب امارات ۽ خاص طور تي قطر ڪري رهيا آهن، جڏهن ته ڪيترن ئي ٻين ملڪن به رابطو ڪيو آهي.ٽرمپ خبردار ڪندي چيو ته جيڪڏهن معاهدو نه ٿيو ته ايران لاءِ هڪ سٺي معاهدي تي صحيحون ڪرڻ جو هي آخري موقعو هوندو.صدر ٽرمپ جو چوڻ هو ته شايد ڪا اڳڀرائي ڏسڻ ۾ اچي، پر تباهيءَ کان اڳ ايران کي هر ممڪن آخري موقعو ڏيڻ چاهيان ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو