جنگلي جيوت کاتو غيرفعال، عدالتي حڪم جي ابتڙ جونيئر آفيسر مقرر

جنگلي جيوت کاتو غيرفعال، عدالتي حڪم جي ابتڙ جونيئر آفيسر مقرر

سکر (امداد علی ڪلوڙ) سنڌ جنگلي جيوت کاتو عملي طور تي غيرفعال بڻيل، کاتي جي 6 ڊويزن جي ڊپٽي ڪنزرويٽر جون پوسٽون خالي پيون آهن. ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته  سنڌ وائلڊ لائف کاتي ۾ صرف هڪ ڊپٽي ڪنزرويٽر بي پي ايس 18 جو آهي جنهن کي به سيڪريٽري آفيس ۾ رپورٽ ڪرايو ويو آهي، جڏهن ته سپريم ڪورٽ جي حڪم جي ابتڙ سکر،نواب شاھ ،مير پور خاص ۽ حيدرآباد ۾ 17 گريڊ جا آفيسر او پي ايس تي ويٺل آهن، ذريعن  وٽان اهو به معلوم ٿيو آهي ته  سنڌ وائلڊ لائف کاتي ۾ لاڙڪاڻو ۽ ڪراچي ڊويزن ۾ ڪو به آفيسر مقرر نه آهي. کاتي ۾ ڀرتي پاليسي نه هجڻ سبب ڊسٽرڪٽ آفيسر بي پي ايس 17 ۽ رينج فاريسٽ آفيسر بي پي ايس 16 جون جايون خالي پيلآهن. جنگلي جيوت کاتي اندر ڪنهن آفيسر وٽ  گهربل ايم ايس سي زولاجي جي ڊگري ڪونه آهي جيڪا پڻ ضروري آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو