ايران جي پرڏيهي کاتي جي ترجمان اسماعيل بقائي سومر ڏينهن چيو آهي ته اڃا تائين هرمز لنگهه تي ڪنٽرول قائم آهي ۽ آمريڪا سان ڪنهن به سطح تي امن ڳالهين ۾ شامل نه آهيون. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته تيرنهن مسلسل راتين جي وڌندڙ بمباري، تهران کي آمريڪي اڏن تي فائرنگ ڪرڻ تي مجبور ڪيو، جنهن بعد صدر ٽرمپ هفتي جي آخر ۾ مهم روڪي ڇڏي. ايران چيو ته هو پنهنجي حملن کي به معطل ڪندو جيستائين آمريڪي وقفو جاري رهندو. آمريڪي بمباري مهم جي ختم ٿيڻ سان تيل جي قيمتن ۾ تيز گهٽتائي آئي، ان اميد ۾ ته خراب ٿيل عالمي سپلاءِ وري معمول تي ايندي. برينٽ ڪروڊ، جيڪو گذريل هفتي پهرين ڀيري مئي کان پوءِ 100 ڊالر في بيرل کان مٿي وڃي چڪو هو، سومر جي وچ ڏينهن تائين 8 سيڪڙو کان وڌيڪ گهٽجي فقط 89 ڊالر کان هيٺ پهتو. رائٽرز موجب سومر جي ڏينهن اهڙا اشارا مليا ته تهران شايد نئين جنگبندي کي ٽيسٽ ڪري رهيو آهي. ڇو ته اردن ٻن ڊرونز کي ڪيرائڻ جي رپورٽ ڏني ۽ عراقي سيڪيورٽي ذريعن چيو ته ڊرونز اتر عراق ۾ ايراني ڪرد مخالف جنگجوئن جي اڏي تي حملو ڪيو ويو. ٻنهي واقعن ۾ ڪنهن به فوتگي جي رپورٽ نه ملي. رائٽرز موجب ٽرمپ جي مهم روڪڻ جو فيصلو سندس فوج جي صلاح تي ٻڌل هو ته بمباري، جنهن جو مقصد ايران جي هرمز تي گرفت ٽوڙڻ هو، ان حد تائين پهچي چڪي آهي جيڪا حاصل ڪري سگهجي ٿي. آمريڪي آفيسر رائيٽرز کي ٻڌايو ته فوجي ڪمانڊرن صدر کي صلاح ڏني ته اهي ٽارگيٽن مان نڪري رهيون آهن. جوائنٽ چيفس آف اسٽاف جي چيئرمين جنرل ڊين ڪين هوائي دفاع جي ميونشن جي گهٽتائي تي ڳڻتي ظاهر ڪئي هئي. گڏيل قومن ۾ آمريڪي سفير مائڪ والٽز آچر تي چيو ته ٽرمپ مهم کي روڪيو آهي ته جيئن ڳالهين لاءِ گنجائش پيدا ٿئي. ٽرمپ، سيڪريٽري آف اسٽيٽ مارڪو روبيو ۽ ٻين آمريڪي آفيسرن ايران کي ”معاهدي لاءِ التجا ڪندڙ“ قرار ڏنو آهي. پر ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي سومر جي ڏينهن هڪ ڪانفرنس ۾ چيو ته ايران آمريڪا سان امن ڳالهين جي بحالي جي درخواست نه ڪئي آهي. بقائي وڌي چيو ته ٻنهي طرفن جي وچ ۾ ٽياڪڙن ذريعي پيغام اڃا تائين اچي وڃي رهيا آهن ۽ ايران سفارتڪاري کي نه ڇڏيو آهي، پر ”ايران جي آمريڪا سان ڳالهين جي درخواست بابت رپورٽون جعلي آهن.“ ”هي اسان جي ڊي اين اي ۾ نه آهي.“ ڪيترن ئي ايراني رياستي ميڊيا ادارن هڪ ”باخبر ذريعي“ جو حوالو ڏيندي چيو ته ايران سومر جي صبح ڇهن ”مجرم جهازن“ کي واپس موٽايو جيڪي ان جي اجازت کان سواءِ هرمز پار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. ذريعي موجب انهن مان هڪ جهاز کي ”حادثو“ به پيش آيو. ايران چوي ٿو ته جهاز صرف ان چينل مان گذري سگهن ٿا جيڪو ان جي پنهنجي ساحل جي ويجھو هلندو آهي، جنهن تي سندس ڪنٽرول آهي، ۽ جتي هو ٽرانزٽ فيس لاڳو ڪرڻ چاهي ٿو. ٻن هفتن جي تازي آمريڪي بمباري ۾ ايران ۾ ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا ۽ ڏکڻ ۾ پل ۽ سرنگون ۽ فوجي ٽارگيٽ تباهه ٿيا. پاڙيسري عرب رياستن ۾ آمريڪي اڏن تي ايران جي جوابي فائرنگ ۾ چار آمريڪي فوجي مارجي ويا. ايران گلف ملڪن ۾ سول انفراسٽرڪچر تي به حملو ڪيو، جيڪو ان جو چوڻ هو ته آمريڪي حملن جو جواب هو سول ٽارگيٽن تي.
حضرت موسيٰ جي مزار لڳ فلسطيني علائقي تي نئين اسرائيلي بستي قائم
فلسطين جي وفا نيوز ايجنسي موجب موجب اسرائيلي آبادڪارن والاريل اوڀر يروشلم جي اوڀر ۾ حضرت موسيٰ عليه السلام جي مزار ڀرسان هڪ نئين اسرائيلي آبادي (سيٽلمينٽ) قائم ڪري ڇڏي آهي. رپورٽ موجب يروشلم ۽ اردن وادي جي وچ ۾ اسرائيلي آبادين جو انگ مسلسل وڌي رهيو آهي، جڏهن ته آبادڪار انهن علائقن تي حملا به تيز ڪري رهيا آهن، جيڪي گهڻو ڪري “اسرائيلي والاريل فوجن جي تحفظ هيٺ” ڪيا وڃن ٿا.
ٽرمپ پيوٽن کان پڇندو ته ڇا روسي سيٽلائيٽ ايران جي مدد ڪري رهيا آهن؟
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته هو روسي صدر ولاديمير پيوٽن کان پڇندو ته ڇا روسي سيٽلائيٽ وچ اوڀر ۾ حملن جي هدايت لاءِ ايران جي مدد ڪري رهيا آهن. يوڪرين جي صدر وولوديمير زيلينسڪي دعويٰ ڪئي آهي ته يوڪرين خليجي ملڪن ۽ اتي موجود آمريڪي فوجي اڏن تي روسي سيٽلائيٽ نگراني رڪارڊ ڪئي آهي. ٽرمپ ايئر فورس ون جهاز ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو، “مان پيوٽن کان ان بابت پڇندس، پوءِ حقيقت معلوم ٿي ويندي.” هن وڌيڪ چيو ته ايران بابت آمريڪا ۽ اسرائيل جا موقف هڪ ٻئي سان “تمام ويجها” آهن. ٽرمپ چيو ته تهران سان آمريڪي ڳالهين بابت “سٺو امڪان آهي ته ڪا اهم اڳڀرائي ٿيندي”، جن ڳالهين جو هن تازو ئي اعلان ڪيو آهي. ڪو ننتيجو نه نڪتو ته ايران تي تمام وڏو هملو ڪنداسين. ترڪيه کي ايف-35 اسٽيلٿ جنگي جهازن جي وڪري بابت اسرائيل جي مخالفت تي سوال جي جواب ۾ ٽرمپ چيو ته ترڪيه “منهنجو هڪ بهترين اتحادي رهيو آهي.” ترڪ صدر رجب طيب اردگان کي “دوست” قرار ڏيندي ٽرمپ چيو، “ڪو به مون کي اهو نٿو ٻڌائي سگهي ته اسان کي ڇا وڪڻڻ گهرجي يا نه.”
آبنائي هرمز مان گذرندڙ 17 جهازن جو رخ تبديل
آمريڪي مرڪزي ڪمانڊ (سينٽڪام) چيو آهي ته هن آبنائي هرمز مان گذرندڙ 17 واپاري جهازن جو رخ تبديل ڪيو، وڌيڪ ٻن جهازن کي غيرفعال بڻايو ۽ ٻن ٻين تي چڙهائي ڪري ايران خلاف آمريڪي ناڪابندي تي عملدرآمد يقيني بڻايو. امن واري دور ۾ دنيا جي لڳ ڀڳ 20 سيڪڙو تيل ۽ گئس جون برآمدون خليج کي هندي سمنڊ سان ڳنڍيندڙ هن انتهائي اهم سامونڊي رستي ذريعي ٿينديون آهن.
سعودي عرب جي اوڀر واري پائيپ لائين تي حملو
سعودي عرب جي تيل تنصيبات کي ٿيل نقصان بابت سعودي اختيارين اڃا تائين ڪا تفصيلي ڄاڻ جاري ناهي ڪئي. البته اهو واضح آهي ته 2019ع کان پوءِ هي پهريون ڀيرو آهي جو حوثين سعودي عرب جي اوڀر واري علائقي جي تيل واري ڍانچي، خاص طور تي پيٽرولائين نالي 1,200 ڪلوميٽر ڊگهي پائيپ لائين، کي نشانو بڻايو آهي، جيڪا بادشاهت جي اوڀر وارن تيل جي ميدانن مان خام تيل ڳاڙهي سمنڊ جي بندرگاهه ينبع تائين پهچائي ٿي. آبنائي هرمز ۾ رڪاوٽن کان پوءِ سعودي عرب هن رستي تي وڌيڪ ڀاڙڻ لڳو آهي، جتان هاڻي روزانو لڳ ڀڳ 50 لک بيرل تيل منتقل ڪيو وڃي ٿو، جڏهن ته اڳ اهو مقدار لڳ ڀڳ 10 لک بيرل روزانو هو. سعودي عرب چيو آهي ته هو “جوابي ڪارروائي جو حق محفوظ رکي ٿو.” امڪاني طور هو حديده بندرگاهه، ڪمران ٻيٽ ۽ ڳاڙهي سمنڊ جي ٻين علائقن تي حملا ڪري سگهي ٿو، جن بابت رياض جو چوڻ آهي ته اهي سندس تيل بردار جهازن تي ڊرون ۽ ميزائل حملن لاءِ استعمال ڪيا وڃن ٿا، جڏهن ته صنعا بين الاقوامي هوائي اڏي کي به نشانو بڻائڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي. ٻئي طرف حوثين جو چوڻ آهي ته سعودي حملن ۾ يمن جي شهري ڍانچي کي نقصان پهتو آهي، جڏهن ته سندن فوجي صلاحيتن تي محدود اثر پيو آهي.
لبنان ۾ اسرائيلي ڀڃڪڙيون جنگي ڏوهن جي دائري ۾ اچي سگهن ٿيون، يو اين
گڏيل قومن جي انساني حقن واري هاءِ ڪمشنر وولڪر ٽرڪ چيو آهي ته لبنان ۾ ليتاني درياهه جي ڏکڻ ۾ واقع ڪيترائي ڳوٺ اسرائيلي فوج مڪمل طور تباهه ڪري ڇڏيا آهن ۽ هاڻي رهائش جي قابل ناهن رهيا. بيروت ۾ ٻن ڏينهن جي دوري دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي وولڪر ٽرڪ چيو ته سندس اداري اسرائيل طرفان بين الاقوامي انساني قانون جي وڏي پيماني تي ڀڃڪڙين جا ثبوت گڏ ڪيا آهن، جن مان ڪجهه ڪارروايون “جنگي ڏوهن” جي زمري ۾ اچي سگهن ٿيون.










