اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان ۽ ڀارت جي ڊائريڪٽر جنرلز آف ملٽري آپريشنز (ڊي جي ايم اوز) ڳالهين ۾ جنگ بندي جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.سيڪيورٽي ذريعن موجب، پاڪستان ۽ ڀارت جي ڊي جي ايم اوز جنگ بندي لاءِ ايندڙ حڪمت عملي طئي ڪرڻ لاءِ ڳالهيون ڪيون.سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊي جي ايم اوز جي وچ ۾ هاٽ لائن ڳالهين جو پهريون دور مڪمل ٿي ويو آهي. ڀارتي ميڊيا موجب پاڪستان ۽ ڀارت جي ڊي جي ايم اوز جي وچ ۾ ڳالهين ۾ جنگ بندي جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي.ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ٻنهي فوجن جي وچ ۾ ڪا به فائرنگ نه ٿيندي، شهري آبادي کي نشانو نه بڻايو ويندو، ۽ پاڪستاني ۽ هندستاني فوجن پاران ڊرون استعمال ڪندي ڪا به دراندازي نه ٿيندي.










