ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي تعليم واري وزير سعيد غني چيو آهي ته منهنجي راءِ ۾ اهڙا تعليمي ادارا جتي ڪورونا ڪيس گهٽ آهن انهن کي کولي رکيو وڃي. خانگي چينل سان ڳالهيون ڪندي سعيد غني چيو ته سنڌ ۾ ڪالهه تائين ڪورونا جي شرح 3 سيڪڙو کان گهٽ آهي ۽ تعليمي ادارن ۾ ڪورونا جي شرح 2.8 سيڪڙو آهي.هن چيو ته اڄ اين سي او سي جي ميتنگ ٿيندي ۽ ان ۾ ڊيٽا شيئر ڪنداسين. جڏهن ته منهنجي راءِ هوندي ته جن تعليمي ادارن ۾ ڪورونا ڪيس گهٽ آهن انهن کي کولي رکيو وڃي. صوبائي وزير تعليم جو چوڻ هو ته حالتن کي آڏو رکندي سنڌ ۾ ڪيترائي ڀيرا تعليمي پلان کي تبديل ڪيو آهي.واضح رهي ته ملڪ ۾ ڪورونا جي ٽئين لهر کان پوءِ اين سي او سي هڪ دفعو ٻيهر ڪيتريون ئي پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون آهن جڏهن ته تعليمي ادارن بابت به فيصلو اڄ ڪيو ويندو.










