جنهن تعليمي ادارن ۾ ڪورونا گهٽ آهن اهي کليل رهندا،غني

جنهن تعليمي ادارن ۾ ڪورونا گهٽ آهن اهي کليل رهندا،غني

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي تعليم واري وزير سعيد غني چيو آهي ته منهنجي راءِ ۾ اهڙا تعليمي ادارا جتي ڪورونا ڪيس گهٽ آهن انهن کي کولي رکيو وڃي. خانگي چينل سان ڳالهيون ڪندي سعيد غني چيو ته سنڌ ۾ ڪالهه تائين ڪورونا جي شرح 3 سيڪڙو کان گهٽ آهي ۽ تعليمي ادارن ۾ ڪورونا جي شرح 2.8 سيڪڙو آهي.هن چيو ته اڄ اين سي او سي جي ميتنگ ٿيندي ۽ ان ۾ ڊيٽا شيئر ڪنداسين. جڏهن ته منهنجي راءِ هوندي ته جن تعليمي ادارن ۾ ڪورونا ڪيس گهٽ آهن انهن کي کولي رکيو وڃي. صوبائي وزير تعليم جو چوڻ هو ته حالتن کي آڏو رکندي سنڌ ۾ ڪيترائي ڀيرا تعليمي پلان کي تبديل ڪيو آهي.واضح  رهي ته ملڪ ۾ ڪورونا جي ٽئين لهر کان پوءِ اين سي او سي هڪ دفعو ٻيهر ڪيتريون ئي پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون آهن جڏهن ته تعليمي ادارن بابت به فيصلو اڄ ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو