جنرل ساحر شمشاد ’سي جَي سي ايس سي‘ جي چارج سنڀالي ورتي

جنرل ساحر شمشاد ’سي جَي سي ايس سي‘ جي چارج سنڀالي ورتي

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)جنرل ساحر شمشاد مرزا چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي عهدي جي چارج سنڀالي ورتي.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي آءِ ايس پي آر موجب جوائنٽ اسٽاف هيڊ ڪوارٽرز ۾ جنرل ساحر شمشاد جي لاءِ پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي.آءِ ايس پي آر موجب تقريب ۾ ٽنهي هٿياربند فوجن جي رٽائرڊ ۽ حاضر سروس آفيسرن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري کاتي موجب جنرل ساحر شمشاد مرزا کي ٽنهي هٿياربند فوجن جي دستن سلامي ڏني، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا گارڊ آف آنر ۽ مارچ پاسٽ جو جائزو ورتو.

پهنجو تبصرو موڪليو