جناح هائوس حملو، موقعي تي موجود عورتن جي لسٽ تيار

جناح هائوس حملو، موقعي تي موجود عورتن جي لسٽ تيار

لاهور (ويب ڊيسڪ)9 مئي تي جناح هائوس لاهور تي حملي دوران گهر اندر ۽ ٻاهر عورتن جي فهرست تيار ڪئي وئي هئي.حڪومتي ذريعن موجب پوليس 300 کان وڌيڪ عورتن جي لسٽ تيار ڪئي آهي، عورتن جي لسٽ ٽيڪنيڪل ۽ انٽيليجنس ذريعن جي مدد سان تيار ڪئي وئي آهي.حڪومتي ذريعن موجب انهن عورتن جي گرفتاري نگران حڪومت کان منظوري کانپوءِ شروع ڪئي ويندي.ياد رهي ته پنجاب جي نگران وڏي وزير اڄ رات اهم اجلاس طلب ڪري ورتو آهي.ذريعن موجب اجلاس ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبرن کي بريفنگ ڏني ويندي.ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ سياسي پارٽي سان لاڳاپيل اهم ثبوت پيش ڪيا ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو