اسلام آباد)بيورو) حڪومت جميل احمد کي اسٽيٽ بئنڪ جو نئون گورنر مقرر ڪري ڇڏيو آهي. اسٽيٽ بئنڪ جي نئين گورنر جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. جميل احمد ان کان اڳ اسٽيٽ بئنڪ جو ڊپٽي گورنر به رهي چڪو آهي جڏهن ته هو سعودي سينٽرل بئنڪ ۾ به اهم عهدي تي رهي چڪو آهي.جميل احمد 1991ع کان اسٽيٽ بئنڪ سان لاڳاپيل آهي ۽ ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جي عهدي تي به رهي چڪو آهي.










