جعلي اڪائونٽ ڪيس، جج ۽ نيب جي وڪيل ۾ تلخ ڪلامي،معافي

جعلي اڪائونٽ ڪيس، جج ۽ نيب جي وڪيل ۾ تلخ ڪلامي،معافي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) احتساب عدالت ۾ جعلي بئنڪ اڪائونٽ ڪيس ۽ پارڪ لين پراپرٽي ڪيس جي سماعت دوران جج محمد بشير ۽ نيب پراسيڪيوٽر سردار مظفر عباسي ۾ تلخ ڪلامي بعد نيب جي وڪيل معافي ورتي. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر جيڪي ٻئي اڊيالا جيل ۾ عدالتي رمانڊ تي قيد آهن، کين سخت سيڪورٽي ۾ پيش ڪيو ويو. فاروق ايڇ نائڪ ۽ لطيف کوسوعدالت ۾ درخواستون پيش ڪيون جن مان هڪ ۾ چيو ويو هو ته فريال ٽالپر کي آئي پوڊ رکڻ جي اجازت ڏيوهوءَ قرآن جي تلاوت ٻڌندي آهي. هن وڌيڪ چيو ته انٽر نيٽ يا وائي فائي کانسواءِ آٰئي پوڊ هلندو آهي. هن عدالت کي چيو ته سنڌ اسمبلي جو اجلاس هلندڙ آهي سندس راهدار رمانڊ ڏيو ته هوءَ اجلاس ۾ شرڪت ڪري سگهي. ٻئي درخواست ۾ هن چيو ته آصف زرداري اڳوڻو صدر آهي، ڪافي بيمارين ۾ مبتلا آهي کيس اي ڪلاس ڏنو وڃي جيئن کيس ايئرڪنڊيشنڊ وغيره ملي سگهي. هن چيو ته جڏهن هو صدر نه هو تڏهن به کيس اهي سهولتون مليل هيون. عدالت چيو ته جيل انتظاميا سان رابطو ڪريو. نيب جي وڪيل چيو ته فريال ٽالپرعدالتي رمانڊ تي آهي ۽ راهداري رمانڊ جي درخواست تي فيصلو عدالت کي ڪرڻو آهي. فاروق نائڪ چيو ته 3 مهينا گذري ويا آهن پر نيب وارن ريفرنس جي ڪاپي فراهم ناهي ڪئي. جج جي پڇا ڪرڻ تي تفتيشي آفيسر چيو ته هنن ڪاپيون رجسٽرار وٽ جمع ڪرايون آهن. ان دوران نيب جي وڪيل مظفر عباسي چيو ته عدالت ٻين درخواستن بابت سندس موقف ٻڌي، جج چيو ته اوهين اڳ ۾ چئي چڪا آهيو ته درخواستون جيل متعلق آهن، هاڻي موقف نه ٻڌو ويندو،جنهن تي نيب جي وڪيل ڏاڍيان ڳالهائيندي چيو ته سندس موقف عدالت کي ٻڌڻو پونندو، جج چيس ته عدالت ۾ رڙيون نه ڪريو آهستي ڳالهائيو، جنهن تي نيب جي وڪيل معافي ورتي. لطيف کوسو چيو ته نيب کي جواب ڏين ڏيو ٻڌڻ چاهيون ٿا ته زرداري کي عيد نماز نه پڙهڻ جو سبب هو ڇا ٿو ٻڌائي. جج چيو ته نيب جو وڪيل لکت ۾ جواب جمع ڪرائي. بعد ۾ پارڪ لين پراپرٽي ڪيس جي سماعت شروع ٿي ته جج پڇيو ته ٻيا ملزم ڪٿي آهن، نيب جي وڪيل چيو ته يونس قدوائي، اقبال ميمڻ ۽ نعيم عزيز ملڪ کان ٻاهر آهن ان ڪري گرفتار نه ڪري سگهياسين. جج چيو ته ٻاهران به ته کين گرفتار ڪري سگهجي ٿو. عدالت سند جوڊيشل رمانڊ ۾ 5 سيپٽمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي جڏهن ته اي ڪلاس ٻين درخواستن بابت سماعت سڀاڻي ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو