اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ فريال ٽالپر جي ضمانت واري درخواست منظور ڪري ڇڏي آهي. چيف جسٽس اطهر من الله جي سربراهي ۾ قائم بينچ هڪ ڪروڙ روپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ عيوض سندس ضمانت منظور ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ياد رهي ته جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ کيس نيب گرفتار ڪيو هو. هن ڪيس ۾ آصف علي زرداري جي اڳ ۾ ئي ضمانت منظور ٿي چڪي آهي.










