ڀٽو ڦاهي ريفرنس، جسٽس مظهر جو تفصيلي نوٽ جاري

ڀٽو ڦاهي ريفرنس، جسٽس مظهر جو تفصيلي نوٽ جاري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي سينئر جج، جسٽس محمد علي مظهر، اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاسي لاءِ صدارتي ريفرنس تي پنهنجو 24 صفحن جو تفصيلي نوٽ جاري ڪيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته تڪڙ، ڪاوڙ يا تعصب ۾ ڪيل فيصلا نه رڳو ملڪ جي قانون جي خلاف آهن پر اسلامي اصولن جي به خلاف آهن.جسٽس مظهر، 24 صفحن جي نوٽ ۾، اڳوڻي چيف جسٽس نسيم حسن شاهه پاران ڏنل ماضي جي انٽرويوز جو حوالو ڏنو ۽ چيو ته هن پاڻ اعتراف ڪيو هو ته ڀٽو ڪيس ۾ فيصلو دٻاءُ هيٺ ڪيو ويو هو. اڳوڻي چيف جسٽس جو هي اعتراف ڪنهن به عقلمند شخص لاءِ شڪ جي ڪا گنجائش نٿو ڇڏي ته اهو عدالتي قتل هو ۽ اهڙو اعتراف جج جي حلف جي خلاف ورزي آهي. هن لکيو ته فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن ڪو جج ڪنهن ڌر يا وڪيل کان ناراض ٿئي ٿو يا پنهنجو صبر وڃائي ٿو ته ان لاءِ قانون موجب انصاف ڪرڻ ناممڪن ٿي ويندو آهي.فاضل جج چيو ته ڀٽو ڪيس جي ٻڌڻي ڪندڙ جج اپيل جي ٻڌڻي دوران مبينا طور تي “ناراض” هئا، جنهن آزاد ذهن سان فيصلي جي امڪان کي ختم ڪري ڇڏيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو