جسٽس عيسيٰ خلاف ڪيس جي سماعت ڪندڙ بينچ وري ٽوڙي وئي

جسٽس عيسيٰ خلاف ڪيس جي سماعت ڪندڙ بينچ وري ٽوڙي وئي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف صدارتي ريفرنس جي سماعت ڪندڙ 10 رڪني فل بينچ ٻيهر ٽوڙي وئي. بينچ جي سربراهه جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته بينچ جو هڪ جج جسٽس مظهر عالم ميان خيل خاندان ۾ فوتگي سبب بينچ ۾ شامل ناهي ان ڪري وڌيڪ سماعت نٿا ڪريون ۽ بينچ ٽٽي وئي آهي اسين چيف جسٽس کي نئين بينچ ٺاهڻ لاءِ چئون ٿا. جنهن تي جسٽس فائز عيسيٰ جي وڪيل منير اي ملڪ اعتراض ڪيو ته نئين سر بينچ جي ضرورت ناهي ساڳئي بينچ سماعت ڪري جنهن تي جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته بينچ ٺاهڻ چيف جسٽس جو اختيار آهي ان ۾ اوهان جي پسند شامل نٿي ٿي سگهي. ٻئي پاسي جسٽس امين الدين اڄ سپريم ڪورٽ جي جج طور حلف کنيو، چيف جسٽس کيس حلف کڻايو. وڪيلن چيو ته امڪان آهن ته بينچ توڙڻ جو سبب ئي نئين جج کي بينچ ۾ شامل ڪرڻ آهي. ياد رهي ته اڳ ۾ 7 رڪني بينچ ٺهي هئي جنهن مان جسٽس طارق مسعود ۽ جسٽس اعجازالحسن اهو چئي علحده ٿي ويا هئا ته سندسن حلف جي تقاضا آهي ته هو هي ڪيس نه ٻڌن. جنهن بعد بينچ جي سربراهه عمر عطا بنديال چيف جسٽس کي نئين بينچ ٺاهڻ لاءِ چيو هو ته 10 رڪني بينچ ٺهي هئي جيڪا اڄ واري ٽوڙي نئين بينچ لاءِ چيف جسٽس کي ڪيس موڪليو ويو آهي. عدالت جي ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي علي احمد ڪرد چيو ته نئين بينچ ٺاهن جي ضرورت ناهي هن ڪيس ۾ انصاف ٿيندي نظر نٿو اچي. رشيد اي رضوي چيو ته لڳي ٿو عدالت کي وڏي جلدي آهي ۽ رٽائرمينٽ کان اڳ ۾ ئي فيصلو ڏين چاهن ٿا. پاڪستان بار ڪائونسل جي امجد شاهه چيو ته هڪ دفعو بينچ ٺهڻ بعد رولز موجب ٽوري نٿي سگهجي، جڏهن ڪنهن ڌر کي اعتراض ئي ناهي ته پوءِ بينچ نئين ٺاهڻ جو جواز ناهي ۽ هو ايندڙ حاضر ي تي اهو معاملو اٿاريندا ۽ ڪا به نئين بينچ قبول نه ڪندا. ياد رهي ته ان کان اڳ ۾ حڪومت پاران اٽارني جنرل جمع ڪرايل جواب ۾ جسٽس عيسيٰ مٿان الزام عائد ڪيو هو ته سندس ٻارن جي نالي ملڪيت بي نامي آهي ۽ جج اها ملڪيت ظاهر نه ڪري قانون جي خلاف ورزي ڪئي آهي. جنهن جي جواب ۾ قاضي فائز عيسيٰ چيو هو ته حڪومتي جواب ۾ مٿس بنا ثبوت جي لڳايل الزام سندس ڪردار ڪشي آهي ۽ اهڙا الزام جيڪي صدارتي ريفرنس م به شامل  ناهن اهي لڳايا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو