جسقم ۽ پي ايس ٽي ٽيسٽ پاس اميدوارن جا ڌار ڌار مظاهرا

جسقم ۽ پي ايس ٽي ٽيسٽ پاس اميدوارن جا ڌار ڌار مظاهرا

ٺل(ن سنڌيار)جسقم(بشير قريشي)پاران شريف خان بليدي جي قاتلن جي گرفتاري ۽ پي ايس ٽي سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن پاران آرڊر نه ملڻ خلاف ڌار ڌار احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. جيئي سنڌ قومي محاذ پاران جيڪب آباد ۾ قتل ٿيل سردار زاده شريف خان بليدي جي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو،مظاهرين پاران پوليس جي خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي،ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن لياقت سرڪي،عرض محمد سرڪي،بشير سرڪي،منصور ٻرڙ ۽ ٻين چيو ته سردر زاده شريف خان بليدي کي هڪ مهينو اڳ قتل ڪيو ويو آهي پر جيڪب آباد جي پوليس مقتول جي قتل ڪيس جي جوابدارن کي گرفتار ناهي ڪري سگهي جوابدار بااثر هجڻ ڪري وارثن کي ڌمڪائي رهيا آهن،هنن چيو ته پوليس هڪ مهينو گذري وڃڻ جي باوجود ڪيس ۾ ڪابه اڳڀرائي ناهي ڪئي،پوليس اختياريون خاموش بڻيل آهن ڪابه ڪاروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهن،هنن ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي،ٻئي صورت ۾ اسان جو احتجاج جاري رهندو.

Photo Sindhyar

ٻئي پاسي سنڌ يونيورسٽي جي ٽيسٽ پاس ڪندڙ پي ايس ٽي اميدوارن پاران آفر آرڊر نه ملڻ جي خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو،مظاهرين پاران سخت نعريبازي ڪئي،ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن انيس قريشي،نور محمد کوسو،وحيد نوناري،حفيظ الله سومرو ۽ ٻين چيو ته اسان 2009 ۾ سنڌ يونيورسٽي تحت ٽيسٽ پاس ڪئي پر سنڌ حڪومت اسان کي آفر آرڊر نه ٿي ڏي،جنهن ڪري اسان فاڪاڪشي جو شڪار بڻجي ويا آهيون،نوڪري نه ملڻ ڪري بکون ڪاٽڻ تي مجبور ٿي ويا آهيون،هنن چيو ته اسان ٽيسٽ ۾ 60 پرنسٽ کان وڌيڪ مارڪون کنيون پر پوءِ به اسان کي رولائي رهيا آهن،هنن مطالبو ڪيو ته ٽيسٽ پاس اميدوارن کي آفر آرڊر ڏئي فاڪاڪشي کان بچايو وڃي ٻئي صورت ۾ اسان جو احتجاج جاري رهندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو