مورو(اياز سولنگي) جيئي سنڌ قومي محاذ آريسر گروپ جو تعلقي صدر ۽ عبدالواحد آريسر جو ويجھو ساٿي ڪامريڊ ڀيرو مل اداسي سولنڪي نوابشاھ جي ڪچھري روڊ تي ٽريڪٽر ٽرالي مٿان چڙھي وڃڻ سبب فوت ٿي ويو جنھن جو لاش گھر آندو ويو جتي ڪھرام مچي ويو جڏھن تہ ڀيرو مل اداسي جي خبر پوڻ تي قومپرست جماعتن جي اڳواڻن ڪارڪنن م ڏک جي لھر ڇائنجي وئي. آخري رسمون ادا ڪرڻ لاءِ لاش کي مورو سکر روڊ تي شمشان گھاٽ نيو ويو جنھن م مختلف قومپرست تنظيمن جسقم بشير خان، جسقم آريسر، جسم جوڻيجو گروپ، ايس يو پي، ايس ٽي پي، جست، اين پي پي، جي ڊي اي، پيپلز پارٽي سميت سياسي سماجي تنظيمن سان تعلق رکندڙن شھرين برادري جي ماڻھن وڏي انگ م شرڪت ڪئي جتي ڪامريڊ ڀيرو مل اداسي سولنڪي جو اگني سنسڪار ڪيو ويو. ان موقعي تي موجود قومپرست اڳواڻن آصف راھوجو، ڪامريڊ ھاشم کوسو، عباس کوکر، ڪامريڊ ياسين ملاح، ڪامريڊ بلاول ڏاھري، اشرف لغاري، اياز لنجار، سڪندر ڪورائي، جگديش ڪمار، پ پ شھيد ڀٽو جي حاجي خان سمون، شاھنواز ڀٽي ء ٻين چيو ته ڪامريڊ ڀيرو مل اداسي سائين جي ايم سيد جي نظريي جو پيروڪار ھيو ۽ عبدالواحد آريسر جو ويجھو ساٿي رھيو سندس جون خدمتون وسارڻ جوڳيون ناھن ھن ھميشھ سنڌ جي لاءِ جدوجھد ڪئي سندس وڇوڙو قومي تحريڪ لاءِ وڏو خال آھي، جنھن ڪري جسقم آريسر ٽي ڏينھن سوڳ جو اعلان ڪري ٿي ۽ قومي جھنڊو پڻ آفيسن م ھيٺ رھندو ھو اسان جو قومي سورمو ھو. جڏھن ته ڪامريڊ ڀيرو مل اداسي سولنڪي جي پٽ سانوڻ چيو ته منھنجو والد قومي تحريڪ ۾ وڏو ڪم ڪيو اچانڪ حادثاتي موت دلي صدمو پھچايو آھي مان به ڪوشش ڪندس ته والد جي نقش قدم تي ھلندي قومي پورھيي کي پورو ڪرڻ لاءِ دوستن سان گڏجي نڀائڻ جي ڪوشش ڪندس. جڏھن ته آخري رسمون ادا ڪرڻ دوران سندس قومي تحريڪ جا ويجھا ساٿي اوڇگارون ڏيندي روئيندا رھيا رسمون پوريون ڪرڻ بعد مورو شھر جي گچيرو روڊ تي تڏو وڇايو ويو آھي جتي پونئيرن سان تعزيت دوران ڏک جو اظھار ڪيو پيو وڃي.
حڪومت جو کنڊ برآمد نه ڪرڻ جو فيصلو
پي ٽي آءِ ڳالهيون نه ڊيل لاءِ چئي رهي آهي: شرجيل ميمڻ
اغوا ٿيل جج شاڪر الله بازياب نه ٿي سگهيو،ڳولا لاءِ ڪميٽي قائم
باجوڙ ۾ برسات سبب ڪمري جي ڇت ڪري پئي، 2 عورتون فوت
اڄ ملڪ جي مٿانهين علائقن ۾ برسات ۽ گجگوڙ جو امڪان
ڪراچي ۾ ڦر دوران مزاحمت تي فائرنگ ۾ سڪيورٽي قتل
آمريڪي پرڏيهي وزير سڀاڻي سعودي عرب جو دورو ڪندو
پلان تي عمل ڪندي بالنگ ۽ بيٽنگ ۾ سٺي راند کيڏي، بابر اعظم
هالي ووڊ پروجيڪٽ کي خاص سبب قبول نه ڪيو
‘فل فراءِ’ ٿيل قانون ۽ انصاف جو سرشتو
اڄوڪي-اخبار-2024-04-28
اڄوڪي-اخبار-2024-04-28
عدليا جي آزادي لاءِ اهڙو نظام جوڙجي جيڪو فرد جو ماتحت نه هجي
شاهين جا 4 شڪار، نيوزيلينڊ کي 9 رنز تان شڪست سيريز برابر
فواد چوڌري جي پي ٽي آءِ ۾ واپسي جو امڪان
پرڏيهي شهرين جي سيڪيورٽي لاءِ اسپيشل فورس ٺاهڻ جو فيصلو
منشيات فروشن خلاف ڇاپا، 2 جوابدار سڳ سوڌا گرفتار
آمريڪا ريڊ لائنز ڪراس نه ڪري، چين جو پيغام
اسيمبليءَ جي قيام سان پارلياماني جمهوريت جي شروعات ٿي
وزيراعظم سعودي عرب پهچي ويو، اهم شخصيتن سان ملاقاتون