جست اڳواڻڻ کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

جست اڳواڻڻ کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

مورو (مورائي اياز سولنگي) جيئي سنڌ تحريڪ پاران جست جي مرڪزي اڳواڻ عبدالفتاح چنا، سيد مسعود شاھ، پٺاڻ خان، ڪاشف تڳر ۽ قومي ڪارڪنن کي بنا جواز کنڀي گم ڪرڻ خلاف مورو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنهن جي اڳواڻي ابرار ميمڻ، جسم جوڻيجو گروپ جي مرڪزي اڳواڻ ڪامريڊ ھاشم کوسو، ايس يو پي جي سردار ٻرڙو، دانش ميمڻ ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا جتي هنن چيو ته جست اڳواڻ عبدالفتاح چنا، سيد مسعود شاھ، ڪاشف تڳر، پٺاڻ خان ۽ ٻين کي بنا جواز رياستي ادارن کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي جنهن جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا ھنن چيو تہ اھو ڪٿان جو قانون آھي تہ سنڌ  ء سنڌ جي عوام حقن جي حاصلات لاءِ بنا لالچ تي ڪيس وڙھندڙ ۽ آواز اٿاريندڙ قومي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪيو وڃي ۽ انھن مٿان تشدد ڪيو وڃي، هنن مطالبو ڪيو ته جيڪڏھن سنڌ جي قومي تحريڪ جي اڳواڻن ڪارڪنن مٿان ڪو ڪيس وغيرہ آھي ته انھن کي ظاھر ڪري عدالتن م آندو وڃي جيڪڏھن اھي بي ڏوھي آھن ته سمورن ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي، ان موقعي تي پ پ ش ڀ جي حاجي خان سمون ۽ ٻين پڻ حمايت ڪندي اڳواڻن کي آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو