ڪراچي(رپورٽ باغي ساگر)چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جڏهن کان پاڪستان جو آئين ٺهيو آهي ان تي مسلسل حملا ڪيا پيا وڃن. ڇاڪاڻ ته ڪجهه قوتن کي اهو برداشت ناهي ته عوام کي سندن حق ملن. هن چيو ته جنرل ضياءَ ۽ جنرل مشرف جي دورن ۾ ٿيل نقصان جو بار اڄ به قوم برداشت ڪري رهي آهي. هن چيو ته 2008ع کان 2013ع تائين جو هڪ اهڙو دور هو، جنهن مان لڳي رهيو هو ته سمورو سماج ميچوئر ٿي ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته مون کي ياد آهي، جنهن ڏينهن ارڙهين ترميم منظور ٿي، روزاني ڊان جي سرخي هئي ته پاڪستان جا سياستدان آخرڪار بالغ ٿي ويا آهن. پ پ چيئرمين چيو ته 2008ع کان 2013ع جو دور ان ڪري اميدن جو دور هو، ڇاڪاڻ ته ان کان اڳ ملڪ ۾ تمام گهڻي پولرائزيشن هئي. ان دوران سياسي پارٽيون ان نتيجي تي پهتيون ته جيستائين اسان پاڻ ۾ وڙهندا رهنداسين تيستائين آئين ۽ جمهوريت هميشه خطري ۾ رهندي ۽ ملڪ ترقي نه ڪندو. هن وڌيڪ چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي ان وقت جي مخالفن جي انتقامي رويي کي وساري ڇڏيو ۽ چيو ته ميثاق جمهوريت تي ڪم ڪنداسين. هن چيو ته ان هم آهنگي جي بنياد تي حڪومت ۾ اچڻ کانپوءِ اسان مسلم ليگ (ن) يا ٻين مخالفن کي جيل نه موڪليو ۽ جڏهن مسلم ليگ (ن) جي حڪومت آئي ته انهن به ڪنهن حد تائين ان جي پيروي ڪئي. ميثاق جمهوريت کانپوءِ سياسي پارٽين ۾ هم آهنگي جي نتيجي ۾ ٿيل اڳڀرائي کي ڀلائي چيئرمين بلاول ڀٽوزرداري جو چوڻ هو ته اسان پاڪستان جي عوام تي توجهه ڏئي سگهون، اسين ارڙهين ترميم پاس ڪرائي سگهون ، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام آڻي سگهون. ناردرن علائقن کي گلگت بلتستان صوبو بڻائي سگهون ۽ صوبي سرحد کي خيبرپختونخواه جو نالو ڏنو. پرڏيهي وزير چيو ته اهڙي هم آهنگي سبب غير جمهوري قوتن لاءِ گنجائش تمام گهٽ هئي پر پوءِ ڪنهن وٽ نظريو يا روح هوندو هو ته هڪ سليڪٽيڊ کي لانچ ڪيو ويو. هي سليڪٽيڊ کي لانچ صرف ان ڪري ڪيو ويو ته جيئن ان هم آهنگي کي ٽوڙيو وڃي. مڪ مڪا پروپيگنڊا به ڪئي وئي ، ته جيئن غير جمهوري قوتن کي وڌ کان وڌ جاءِ ملي سگهي ۽ هنن کي هڪ پراڪسي وزير اعظم ملي سگهي، هڪ اهڙو وزير اعظم هئڻ گهرجي جيڪو قوم جي مسئلن ۾ دلچسپي نه وٺي، جيڪو پارليامينٽ، جمهوريت ۽ معيشت ۾به ڪا دلچسپي نه وٺي ، هو اهو سمجهي ته هو وزيراعظم ان لاءِ نه بڻيو آهي ته هو تماٽر ۽ بصرن جا اگهه به نه ڏسي. هو وزيراعظم صرف ان لاءِ بڻيو ته پاڻ کي ۽ پنهنجي خاندان کي فائدو پهچائي سگهي. هن وڌيڪ چيو ته جنهن ڏينهن هو چونڊيل وزيراعظم کي هٽائڻ ۾ ڪامياب ٿيا هئا اهو ڏينهن 10 اپريل 2022 هو. ان ئي ڏينهن تي جڏهن 1973ع ۾ اسان جو گڏيل آئين منظور ٿيوهو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هن شخص کي ان لاءِ اقتدار ۾ آندو ويو، ڇاڪاڻ ته هو نه رڳو نظام خلاف سازش هو پر آئين جي به خلاف به سازش هو. هن چيو ته اهي ماڻهو ارڙهين ترميم بابت چون ٿا ته سڀ ڪجهه صوبن وٽ ويو آهي. هنن ماڻهن جو مسئلو اصل ۾ ارڙهين ترميم نه پر 1973ع جو آئين آهي، جنهن کي هنن پهرين ڏينهن کان نه مڃيو آهي ۽ اڃا به نٿا مڃين. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عمران خان هر اداري کي تقسيم ڪيو آهي. سياست کي ايترو تقسيم ڪيو آهي جو اسان هڪ ٻئي سان ڳالهائي به نٿا سگهون. هن ساڳيءَ ريت عدليه ۽ ميڊيا کي به ورهايو آهي. هن چيو ته هڪ چينل کوليو ته هڪ پاڪستان ۽ ٻيو چينل ڏسندو ته ٻيو پاڪستان نظر اچي ٿو. هن چيو ته هن اسان کي ايترو ورهايو آهي جو اسٽيبلشمينٽ کي به ورهائي ڇڏيو آهي. هن چيو ته اسان ڏسي رهيا آهيون ته هو شخص ته هليو ويو پر اها سوچ اڃا به موجود آهي. هاڻي خبر ناهي ته انهن ٽن سالن ۾ ٿيل نقصان جا اثر ڪيتري وقت تائين برداشت ڪندا رهندا سين ، هاڻي ملڪ هلائڻ مشڪل ٿي ويو آهي. پ پ پ چيئرمين چيو ته انصاف ڏيڻ واري اداري جا جج جيڪڏهن پاڻ ۾ وڙهندا ته عوام کي انصاف ڪيئن ڏيندا. هن چيو ته ٻڌو پيو وڃي ته هڪ جج لاءِ ٻئي جج سان ڳالهائڻ ڏکيو آهي. جيڪڏهن ٻن چينلن تي ٻه مختلف سچ هوندا ته اِنوزيبل جي لاءِ مزو ئي مزو هوندو.اسان سياسي، آئيني ۽ معاشي بحران مان گذري رهيا آهيون. هن چيو ته ”جيڪڏهن اسان هڪٻئي سان وڙهندا رهياسين ته عام ماڻهوءَ جو نقصان ٿيندو رهندو،“ هن چيو. ته عام ماڻهوءَ جو سڀ کان وڏو مسئلو معيشت، مهانگائي، بک، بدحالي ۽ بيروزگاري آهي. هن چيو ته جيڪڏهن اسان هڪٻئي سان وڙهندا رهياسين ته دهشتگرد به فائدو وٺندا رهندا. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جيڪڏهن ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ اهڙيون حالتون هجن ها ته سڀ چون ها ته پاڻ ۾ لڙائي بند ڪريو ۽ ويهي مسئلا حل ڪريو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان کي درپيش ڪيترن ئي مسئلن جو حل آئين ۾ موجود آهي. هن چيو ته عوام اڄ به پارليامينٽ ۽ عدليه طرف ڏسي رهيا آهن پر اميدون گهٽ آهن. هن چيو ته جهڙي ٻٽي معيار سان اعليٰ عدليه هلي رهي آهي اسان جهڙن پارٽين لاءِ اهڙن قدمن جو ڊفينڊ ڪرڻ ڏکيو آهي. هن چيو ته اسين اڄ به انتظار ۾ آهيون ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي عدالتي ريفرنس جي ٻڌڻي ٿئي پر اسان کي ڪو به جواب نه ملي رهيو آهي، پر جيڪڏهن زمان پارڪ جي وزير اعظم کي ٽنگ ۾ ڪو مسئلو هجي ته عدالت هڪ هفتو انتظار ڪندي آهي ۽ پٽيشن تي جعلي صحيح هجي تڌهن به هن کي ضمانت ملي ويندي آهي. هن چيو ته ٻٽو نظام هاڻي نه هلندو ۽ نه ئي ان کي برداشت ڪنداسين. ائين نه ٿو ٿي سگهي ته جيڪڏهن شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي حڪومت هجي ته ان کي اخبار ۾ ايڊيٽوريل سان ختم ڪيو وڃي، پر جيڪڏهن عمران خان جي حڪومت بچائڻ لاءِ آئين کي تبديل ڪرڻ يا ٻيهر لکڻو پوي ته پوءِ اهو به ڪيو وڃي. پ پ چيئرمين چيو ته وري قانون سازي ڪئي پئي وڃي ته جيڪڏهن ڪو فوج يا عدليه خلاف ڳالهائيندو ته ان کي سزا ڏني ويندي. اسان ڪيترو وقت مقدس ڳئون جو قانون پاس ڪنداسين؟ هن چيو ته نيب بابت پاڪستان پيپلز پارٽي جو موقف هميشه واضح رهيو آهي ته نيب کي سياسي انجنيئرنگ لاءِ بڻايو ويو هو. هن چيو ته ججن کي خبر ناهي ته نيب قانون ۾ ڪهڙي سٺي خوبي نظر اچي پئي. هن چيو ته نيب قانون ۾ ٻيون پارٽيون جيڪي به ترميمون ڪن پر مان پاڻ ترميم پيش ڪندس ته جيڪڏهن نيب کي قائم رکڻو آهي ته ان کي عدليه تي به لاڳو ڪيو وڃي. نيب کي انهن ججن تي به لاڳو ڪرڻ گهرجي، چاهي اهي سروس ڪري رهيا هجن يا رٽائرڊ. ٿي ويا هجن. ڪرپشن هر جڳهه آهي. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي مقدس ڳئون جي قانون جي مخالفت ڪندي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جمهوريت لاءِ تاريخي جدوجهد ڪرڻ تي جيالن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته آئين اسان ٺاهيو، ان کي اسان ئي بچائينداسين.










