اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جج ارشد ملڪ ويڊيو ڪيس ۾ نوازشريف جي نظرثاني درخواست اُڪلائي ڇڏي. چيف جسٽس پاڪستان آصف سعيد کوسه جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ جج ارشد ملڪ ويڊيو اسڪينڊل نظرثاني ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. چيف جسٽس چيو ته عدالت اهو معاملو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ تي ڇڏيو. فيصلي ۾ لکيو آهي ته اسان جي مداخلت جي ڪا به گنجائش ناهي قانون ڄاڻي ۽ ان جو ڪم. درخواست گذار نوازشريف جي وڪيل خواجه حارث چيو ته ڏسڻو اهو آهي ته پريس ڪانفرنس سان عدليه کان ڪو نقصان ته ناهي پهتو. جسٽس آصف سعيد کوسه چيو ته ڪيئن تسليم ڪيون ته عدليه کي نقصان پهتو؟ خواجه صاحب نظرثاني ۾ جيڪي ڳالهيون ڪيون ۽ هو چاهي ٿو ته توهان جو حق متاثر نه ٿئي ته پهرين عدالت پهرين ئي تسليم ڪري چڪي آهي. عدالت کان جيڪو توهان گهري رهيا آهيو اسان پهرين ئي ڏئي چڪا آهيون ڳالهه ٻيهر لکي ٿا ڇڏيون. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته تبصرا شروع ٿي ويا آهن ته هاءِ ڪورٽ جا هٿ ٻڌجي ويا آهن اها ڳالهه تڏهن ٿيندي آهي جڏهن فيصلو پڙهڻ بغير تبصرا شروع ٿيندا آهن. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ويڊيو اسڪينڊل تي پنهنجو فيصلو ڪرڻ ۾ مڪمل آزاد آهي ۽ پنهنجو رستو خود تلاش ڪري. جج ڪنهن سان ناانصافي ناهن ڪندا جيڪو فيصلو هوندو ميرٽ تي ڪيو ويندو.










