اسلام آباد (اياز مهر) سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف صدارتي ريفرنس جي ڪاروائي ختم ڪرڻ خلاف درخواستن جي ٻڌڻي دوران سندس وڪيل منير اي ملڪ چيو ته ڪنهن جج جي وارن کان وٺي گِهلڻ سندس توهين ناهي هوندي پر ڪنهن جج جي ڳجهي نگراني ڪرڻ، جاسوسي ڪرڻ ۽ ذاتي زندگي ۾ مداخلت ڪرڻ به توهين آهي. جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ ٻڌڻي دوران منير اي ملڪ چيو ته جج ۽ سندس خاندان جي جاسوسي ڪئي وئي ۽ هو ان بابت بيان حلفي به ڏيڻ لاءِ تيار آهي. بينچ جي سربراهه درخواست گذار جي وڪيل کان پڇو ته ڇا انتظاميه عدليه جي ڪنهن به جج خلاف مواد ڪٺو ڪري سگهي ٿي، ته منير اي ملڪ چيو ته انتظاميه صدر جي منظوري کانپوءِ ئي مواد جمع ڪري سگهي ٿي پر اثاثه جات رڪوري يونٽ کي ڪنهن جج خلاف مواد گڏ ڪرڻ جو اختيار ناهي. جسٽس مقبول باقر پڇو ته ڇا صدر کي اختيار آهي ته مواد گڏ ڪرڻ جو حڪم ڪنهن به اداري کي ڏئي سگهي ٿو ته منير اي ملڪ چيو ته صدر جا سڀ اختيار قانون جي تابع آهن. جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته انتظامي اختيار استعمال ڪرڻ صدر جو ڪم ناهي. جسٽس فيصل عرب سوال ڪيو ته جمهوريت ۾ صدر ايگزيڪيٽو يعني انتظاميه جا اختيار ڪيئن ٿو استعمال ڪري سگهي، جنهن تي منير اي ملڪ چيو ته ڪابينا جي منظوري کانسواءِ اهو معاملو نٿو موڪلي سگهجي. جج خلاف ملڻ واري مواد تي صدر جي راءِ قائم ٿيڻ لازمي آهي. وڪيل چيو ته صدر جو ڪم صرف ٽپال گهر ناهي، هن چيو ته قانون جي هر خلاف ورزي مد ڪانڊڪٽ جي دائري ۾ نٿي اچي. جسٽس بنديال چيو ته آئين جي شق 209 صرف اعليٰ عدليه جي ججن تي ئي نٿو لاڳو ٿئي پر آڊيٽر جنرل، اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن خلاف ڪاروائي ٿي سگهي ٿي. منير اي ملڪ چيو ته عدالت کي طئي ڪرڻو آهي ته ججن جي معاملي ۾ انتظاميه جا ڪهڙا اختيار آهن، ڇو ته سپريم جوڊيشل ڪائونسل وٽ اصول واضح ڪرڻ جو اختيار ناهي. هن چيو ته آئين جي شق 248 هيٺ وزيراعظم کي ڇوٽ آهي ان جي کنيل قدمن کي ناهي ۽ هن جي کنيل غيرقانوني قدمن کي چيلنج ڪري سگهي ٿو، جسٽس بنديال چيو ته استثنيٰ يا ڇوٽ وزيراعظم ۽ وزيرن جي ذاتي زندگي ۽ فوجداري ڏوهن ۾ کين حاصل ناهي. هن سوال ڪيو ته ڇا ججن کي حاصل ڇوٽ وزيراعظم کان وڌيڪ مضبوط ناهي، ڇو ته ججن جي ڪردار تي ته پاريلمان ۾ بحث نٿو ڪري سگهجي، منير اي ملڪ چيو ته وزيراعظم اگر غيرقانوني قدم کڻندو ته آرٽيڪل 248 هيٺ کيس ڇوٽ نه ملندي، شڪايت ڪندڙ وحيد ڊوگر جي درخواست صدر آڏو نه رکي وئي هئي. جسٽس منيب اختر سوال ڪيو ته هن صدارتي ريفرنس ۾ صدر ۽ وزيراعظم ڪٿي غير آئيني قدم کنيو آهي. منير اي ملڪ چيو ته فيض آباد ڌرڻي ۾ تحريڪ انصاف پاران سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف جيڪا نظر ثاني جي اپيل دائر ڪئي آهي ان مان سندن مائنڊ سيٽ ظاهر ٿئي ٿو. جسٽس بنديال چيو ته ڪنهن جي ذهن ۾ ڪيئن جهاتي پائي سگهجي ٿي، منير اي ملڪ چيو ته سندس موڪل خلاف ريفرنس دائر ڪرڻ بابت نه صدر راءِ قائم ڪئي نه وزيراعظم هي معاملو منظوري لاءِ ڪابينا ۾ کڻي ويو. هن چيو ته وفاقي حڪومت جو مطلب حڪومت نه پر ڪابينا آهي، وفاقي وزير قانون فروغ نسيم هي معاملو ڪابينا ۾ کڻي وڃڻ بدران احتساب بابت وزيراعظم جي مشير شهزاد اڪبر کي موڪليو، جنهن پنهنجي طرفان سندس موڪل خلاف جاچ ڪرائي. هن وڌيڪ چيو ته جسٽس فائز عيسيٰ جو سڃو ڊيٽا غير قانوني طريقي سان ايف بي آر کان حاصل ڪيو ويو. عدالت جي سوال تي منير اي ملڪ چيو ته صدر کي ڪنهن جج خلاف از خود ڪاروائي جو اختيار ناهي پر ان لاءِ هن وٽ ڪنهن شڪايت جو اچڻ ضروري آهي. دليل جاري هئا ته ٻڌڻي 6 نومبر اربع تائين ملتوي ڪئي وئي.










