ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي ثقافت واري وزارت ۽ گرينوچ يونيورسٽي ڪراچي وچ ۾ تعليم، تحقيق، وسيلن جي مٽاسٽا، ثقافت ۽ ٻين پروگرامن ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون ويون. اڄ پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ٽورازم اينڊ هوٽل مئنيجمينٽ ۾ منعقد ٿيل هڪ پروگرام ۾ سيڪريٽري ثقافت ۽ سياحت سنڌ عبدالعليم لاشاري ۽ گرينوچ يونيورسٽي ڪراچي جي ريسرچ پروفيسر ڊاڪٽر اي ڪيو مغل ياداشت تي صحيحون ڪيون. ان موقعي تي ڊائريڪٽر جنرل نوادرات سنڌ منظور قناصرو، ڊائريڪٽر جنرل لائبريريز سنڌ اعجاز شيخ، ايم ڊي ايس ٽي ڊي سي فياض شاهه، ڊائريڪٽر (پيٿم) PITHM هدايت الله راڄڙ، ثقافت کاتي جي آفيسرن ۽ گرينوچ يونيورسٽي جي وفد شرڪت ڪئي. ياداشت نامي موجب سنڌ جو ثقافت کاتو ۽ يونيورسٽي آف گرين وچ تعليم، تحقيق، وسيلن جي مٽاسٽا، ثقافت ۽ ٻين پروگرامن ۾ گڏجي ڪم ڪندا. ان موقعي تي سيڪريٽري ثقافت سنڌ عبدالعليم لاشاري چيو ته ادارن وچ ۾ تعاون هڪ ٻئي جي تجربن مان سکڻ جو موقعو فراهم ڪندو آهي. هن چيو ته هو سنڌ جي آثار قديمه جي ماڳن تي تحقيق جي شعبي ۾ نوجوانن سان سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار آهن. سيڪريٽري ثقافت ۽ سياحت سنڌ تجويز ڏني ته سنڌ ۾ سياحت جي شعبي ۾ ڪيترائي موقعا موجود آهن. گرين وچ يونيورسٽي جا گريجوئيٽ سنڌ جي سياحت کي فروغ ڏيڻ لاءِ برانڊنگ ۽ مارڪيٽنگ ۾ اسان سان شامل ٿي سگهن ٿا. هن وڌيڪ چيو ته هوٽل مئنيجمينٽ، شيف ۽ ٻيا ڪورس سنڌ جي ثقافت کاتي جي انتظام هيٺ ڪرايا وڃن ٿا ۽ گرين وچ يونيورسٽي جا شاگرد به انهن ٽيڪنيڪل ڪورسز مان فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا. ان موقعي تي گرين وچ يونيورسٽي ڪراچي جي ريسرچ پروفيسر ڊاڪٽر اي ڪيو مغل چيو ته شاگردن کي سنڌ جي ثقافت ۽ سياحت کان روشناس ڪرائڻ جي ضرورت آهي. هن سنڌ جي ثقافت کاتي پاران مليل سهڪار تي شڪريو ادا ڪيو. بعد ۾ سيڪريٽري ثقافت سنڌ ۽ گرين وچ يونيورسٽي ڪراچي جي ريسرچ پروفيسر ايم او يو دستاويز جي مٽا سٽا پڻ ڪئي.










